لاهور(امداد سومرو) اسلام آباد مان خبرون آهن ته محسن نقوي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. هن جي سرگرمين سان وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ نون جي قيادت ڪجهھ گھٻراهٽ جو شڪار به آهي ۽ پريشان به نظر اچي رهي آهي. ن ليگ جي سوشل ميڊيا محسن نقوي تي شڪن ۽ شبھن جو اظهار ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي صوبن تي منصوبابندي ڪئي وئي آهي، حڪمتِ عملي واضح ٿي وئي آهي، هاڻي ان کي عمل ۾ آڻڻو ڪرڻو) آهي جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انسٽاگرام تي پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي تصوير رکي ۽ هيٺ سنڌي ۾ ڪيپشن لکيو: ”ڌرتي ماءُ آهي”ان مان واضح آهي ته ماءُ جي تقسيم نٿي ٿي سگهي، هي پيغام آهي، ۽ ان تي پيپلز پارٽيءَ هڪ حڪمتِ عملي جوڙي آهي، ٻئي پاسي ڪالهه عمران خان سان ڀينرن جي ملاقات جو ڏينهن هو. نورين نيازي جي عمران خان سان ملاقات ٿي. هن ٻاهر اچي ڪو سياسي بيان يا پيغام عمران خان جو جاري نه ڪريو.” هي حڪومت جو شرط هو، سپريم ڪورٽ به ان تي ئي پي ٽي آءِ کي پابند بڻايو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اهو ئي هو، عمران خان کي رليف ڏيارن ۾ محسن نقوي ۽ بئريسٽر گوهر جو وڏو ڪردار هو. جڏهن ته محسن نقوي پنهنجي نائب وزير طلال چوڌري ۽ طارق فضل چوڌري سان گڏ سينيٽ ۾ داخل ٿيو، وزير پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا. پوءِ اتان اٿي طلال چوڌري اپوزيشن ليڊر راجا ناصر عباس وٽ ويو، هن سان ڳالهيون ڪيون، . اپوزيشن ليڊر فون ڪڍي ڪنهن سان ڳالهايو. ان کان پوءِ محسن نقوي اپوزيشن ليڊر وٽ ويو، سينيٽر فيصل جاويد به محسن نقوي وٽ ويو، انهن جي هٿن ۾ ڪجهه ڪاغذ هئا، اتي به سرگوشيون ٿيون. پوءِ طلال چوڌري اپوزيشن ليڊر وٽ ويو،،جيڪي صحافي سينيٽ کي ڪور ڪندا آهن، انهن ٽويٽ ڪري اهي سڀ منظرنگاري ٻڌائي، پر ڇا ڳالهه ٿي اها ڪنهن کي خبر ناهي. ٿي سگهي ٿو اها اپوزيشن ليڊر، فيصل جاويد، طلال چوڌري، يا محسن نقويءَ جي زباني ٻاهر اچي چڪي هجي. پر هي سڄو سين جيڪو ٿيو، سينيٽ ۾ اها هلچل غير معمولي هئي. هاڻي ڪجهه نه ڪجهه ته ٿي رهيو آهي، ڪا کچڙي آهي جيڪا محسن نقوي پچائي رهيو آهي، صحافي حامد مير ته دعويٰ ڪري رهيو آهي ته 15 سيپٽمبر تائين عمران خان اسپتال ۾ هوندو. حامد مير جي دعويٰ آهي ته اگر عدالت پنهنجي فيصلي تي بيٺي رهي ٿي ته حڪومت کي عمران خان کي اسپتال شفٽ ڪرڻو پوندو. اگر عدالت چوي ٿي ته فيصلو اٽل آهي، ته پوءِ محاذ آرائيءَ جو هڪ نئون مسئلو حڪومت لاءِ ٺهي ويندو.پيپلز پارٽي هاڻي اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ پر کولڻ لڳي آهي. تحريڪِ انصاف هڪ وڏي لانگ مارچ جي تيار ڪري رهي آهي. مسلم ليگ نون اندر ڪيترائي مسئلا هلي رهيا آهن، حمزه شهباز کي الڳ ذميواري ملي وئي آهي، مريم نواز نظرانداز ٿيل اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون شروع ڪري ڏنيون آهن. ته عدليه سان ڇڪتاڻ حڪومت لاءِ وڌيڪ بحران ٺاهيندي. اسٽيبلشمينٽ اتحاد حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان خوش ناهي. ته انهن سڀني شين مان نظر اچي ٿو ته شايد عمران خان لاءِ ڪجهه رليف نڪري ۽ هن کي رليف ڏنو وڃي، ته جيئن لانگ مارچ ڊفيوز ٿي سگهي.ٻئي پاسي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي. ان اجلاس ۾ يا ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف نئين قرارداد پيش ڪئي ويندي (پهرين به 2-3 متفقه قرارداون پاس ٿيون آهن)، پر هن بار سوچيو وڃي ٿو ته قرارداد جي بجاءِ پراڻين قراردان کي مدِ نظر رکندي چيو وڃي ته اسيمبليءَ اڳ ئي متفقه قرارداون پاس ڪيون آهن، تنهنڪري جنهن جي دماغ ۾ به نئين صوبن جو خيال آهي اهو ڪڍي ڇڏي. سنڌ ۾ تقسيم نه ٿيندي، نوان صوبا نه ٺهندا.ان تي پيپلز پارٽي جي قيادت، صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز تقريرون ڪندا. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ تي عوامي دٻاءُ ايترو شديد آهي جو هو اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءُ کي خاطر ۾ نه آڻيندي. عوامي دٻاءُ هڪ سيلاب وانگر پيپلز پارٽيءَ کي وهائي وٺي وڃي سگهي ٿو، تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ پهرين ئي بند ٻڌڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي ڪجهه باخبر ماڻهن جو تجزيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جي خواهش رکندڙ آهستي آهستي پوئتي هٽندا. پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ٿينديون، سنڌ ۾ ايندڙ سال جولاءِ ۾ بلدياتي ادارن جو مدو پورو ٿيندو ته نيون چونڊون ٿينديون. قانون سازي ٿيندي، ڪجهه ترميمون ٿينديون، ڪي ايم سي ۽ ٻين بلدياتي ادارن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو. معاملو بااختيار بلدياتي ادارن ڏانهن وڃي سگهي ٿو.خبر هيءَ به آهي ته فريال ٽالپر نجاب وڃي رهي آهي بلدياتي چونڊن جي تيارين جي حوالي سان. هوءَ انڊور سياست، مئنيجمينٽ ۽ ترتيب بهتر ڪري سگهي ٿي. عوامي سياست بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ڪندا، جڏهن ته فريال ٽالپر صف بندي ڪندي.ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي سياست ۾ وڏي هلچل نظر ايندي. خاص طور سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نئين صوبن بابت ڳالهه سخت ٿيندي. معاملو بلدياتي چونڊن تائين ٽري ويندو يا وري نوان صوبا ٺاهڻ واري هٺ ڌرمي ڏانهن ويندو، ٻنهي صورتن ۾ پاڪستان جي سياست ۾ وڏو ڀونچال ايندي نظر اچي رهيو آهي.