اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب فاروق ايڇ نائڪ جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري کي ڪميشن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي جڊيشل ڪميشن لاءِ نامزدگي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.ان کان اڳ فاروق ايڇ نائڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو ذاتي سببن جي بنياد تي جڊيشل ڪميشن تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجو استعيفيٰ ڪميشن جي چيئرمين ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.واضح رهي ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اعليٰ عدالتن جي ججن جي مقرري لاءِ فورم آهي، جڏهن ته فاروق ايڇ نائڪ ڪميشن ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندي طور ميمبر مقرر ٿيل هو.بعد ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر آفتاب شيخ پڻ جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن جي نئين نامزدگي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان جلد ڪئي ويندي. مسلم ليگ ن پاران سينيٽ مان، جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران قومي اسيمبلي مان هڪ ميمبر کي جڊيشل ڪميشن جي رڪن طور نامزد ڪيو ويندو. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جي موجوده ميمبرن جي مقرري کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا هئا، جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن جون مقرريون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نون ميمبرن جي نامزدگي معمول جي ڪارروائي آهي.ان کان اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ پڻ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.