خيبر پختونخوا ۾ ڪو به نئون فوجي آپريشن ٿيڻ نه ڏيندس: سهيل آفريدي

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته هو صوبي ۾ ڪو به نئون فوجي آپريشن ٿيڻ نه ڏيندو.
ضلع خيبر ۾ لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته گذريل ڏينهن ٿيل ڳالهيون سياسي نوعيت جون هيون، پر ڪجهه ڌريون انهن ڳالهين ذريعي هڪ ٻي فوجي آپريشن جي حمايت حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، جنهن جو هو ڪڏهن به حصو نه بڻجندو.
هن چيو ته اڳوڻن فوجي آپريشنن جي نتيجي ۾ قبائلي علائقن جي عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
وڏي وزير قبائلي ضلعن لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي واري معاملي تي به وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
هن چيو ته فوجي آپريشنن سبب متاثر ٿيل بي گهر ماڻهن جي آبادڪاري لاءِ وفاق طرفان مختص ڪيل رقم ڪافي ناهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا حڪومت ان مد ۾ 21 ارب رپيا فراهم ڪري چڪي آهي.
سهيل آفريدي چيو ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ سندس حڪومت تي سهڪار نه ڪرڻ جو الزام لڳائي ٿي.
وڏي وزير دعويٰ ڪئي بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت جي سهڪار باوجود امن قائم نه ٿي سگهيو، جنهن سان موجودا پاليسين جي اثرائتي هجڻ تي سوال اٿن ٿا.
هن چيو ته 2018ع ۾ قبائلي ضلعن کي خيبر پختونخوا ۾ ضم ته ڪيو ويو، پر مالي انضمام اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت تي قبائلي ضلعن لاءِ هر سال 100 ارب رپيا رهتون آهن.
وڏي وزير لانگ مارچ ۾ عوام جي شرڪت کي غير معمولي قرار ڏيندي چيو ته مارچ صوابي تائين ويندو، جتي هو ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

You might also like