ڊي جي آءِ ايس پي آر سعودي ۾ پاڪستاني فوجي دستن جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجي دستن جي موجودگيءِ جي تصديق ڪري ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دفاعي لاڳاپا قائم آهن ۽ پاڪستاني فوج جا دستا به ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سعودي عرب ۾ مقرر آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته مڪي معاهدي تحت سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني فوجي دستا مختلف شعبن سان لاڳاپيل آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن مڪي دفاعي اتحاد ضروري فوجي قوت ۽ صلاحيتون سعودي عرب ۾ فوري طور مقرر ڪرڻ لاءِ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موج، سومر ڏينهن مڪي دفاعي اتحاد جي اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس رياض ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جا نمائندا شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ گڏيل دفاعي واعدن تي فوري عملي اڳڀرائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ضروري فوجي قوت ۽ صلاحيتون سعودي عرب ۾ فوري طور مقرر ڪرڻ لاءِ فراهم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ٽنهي ملڪن جي سلامتي گڏيل سلامتي جو لازمي حصو آهي، جڏهن ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ گڏيل دفاع جي عزم جي ساک کي ظاهر ڪري ٿو.

You might also like