نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما سان گڏ پريم آنند مهاراج جي ورنداون آشرم وڃڻ عيوض 5 ڪروڙ رپيا وٺڻ واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو.
ويرات ڪوهلي جي ترجمان موجب، ڪرڪيٽر ان دعويٰ کي رد ڪندي ان کي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.
ترجمان موجب، ويرات ۽ سندس گهرواري انوشڪا شرما آشرم ۾ مذهبي عقيدت سبب ويندا آهن، جوڙي ڪڏهن به آشرم وڃڻ لاءِ معاوضو ناهي ورتو.
واضح رهي ته ويرات ۽ انوشڪا تي الزام لڳائيندڙ فلاحاري مهاراج دنيس شرما دعويٰ ڪئي هئي ته ويرات ڪوهلي کي آشرم وٺي اچڻ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا هئا.
ڀارتي ميڊيا موجب، فلاحاري مهاراج طرفان ڪيل ان دعويٰ جو ڪو به ثبوت سامهون ناهي آيو.
”جوڙي آشرم اچڻ لاءِ 5 ڪروڙ معاوضو ورتو“،ڪوهلي ۽ انوشڪا جو پريم آنند مهاراج وٽ وڃڻ تڪراري بڻجي ويو
You might also like