جيڪڏهن توهان سمارٽ فونز جا شوقين آهيو ته نوان فليگ شپ ماڊلز اڪثر تبديل ڪندا رهندا هوندا، پر نون فليگ شپ سمارٽ فونز جون قيمتون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن ۽ انهن لاءِ ڪيترن ئي مهينن تائين پئسا گڏ ڪرڻا پئجي سگهن ٿا.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته پراڻا سمارٽ فون به پئسا بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا؟
عام طور تي ماڻهو پراڻي سمارٽ فون وڪڻي نئون فون خريد ڪندا آهن، پر جيڪڏهن توهان ان کي وڪڻڻ نٿا چاهيو ته پراڻي ڊوائيس کي ڪيترن ئي ڪارائتن ڪمن لاءِ استعمال ڪري پئسا بچائي سگهجن ٿا.
وائرليس ويب ڪيم طور استعمال ڪريو
اڄڪلهه اڪثر ميٽنگز وائرليس ويب ڪيم يا ليپ ٽاپ جي ڪئميرا ذريعي ٿين ٿيون.
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ ويب ڪيم موجود ناهي يا ليپ ٽاپ جي ڪئميرا جو معيار خراب آهي ته پراڻو سمارٽ فون ان حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
فون ۾ موجود ڪئميرا عام طور تي گهٽ قيمت واري ويب ڪيم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معياري هوندو آهي، تنهنڪري الڳ ويب ڪيم خريد ڪرڻ تي پئسا خرچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
مختلف مفت ايپس ذريعي فون کي ويب ڪيم طور سولائي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.
يونيورسل سمارٽ ريموٽ طور استعمال ڪريو
هر گهر ۾ اهڙو ”بليڪ هول“ ضرور هوندو آهي، جيڪو ريموٽ ڪنٽرولز کي ڄڻ ته ڳڙڪائي وڃي ٿو.
ريموت ڪٿي رکيو هو، اها ڳالهه اهم ناهي، ڇو ته اهي اڪثر پراسرار طريقي سان هميشه لاءِ گم ٿي ويندا آهن.
تنهنڪري نئون ريموٽ خريد ڪرڻ بدران پراڻي فون کي ئي يونيورسل ريموٽ ڪنٽرول ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ڪيترن ئي ڊوائيسز لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ مختلف ايپس موجود آهن.
گاڏي جي ڊيش ڪيم طور استعمال ڪريو
گاڏي هلائڻ دوران ڊيش ڪيم جو استعمال ڪارائتو هوندو آهي، جيڪو حادثن جي صورت ۾ تحفظ فراهم ڪري سگهي ٿو.
ڊيش ڪيم مهانگا هوندا آهن ۽ هر ڪنهن لاءِ انهن کي خريد ڪرڻ آسان ناهي.
پراڻي سمارٽ فون ذريعي اهو خرچ بچائي سگهجي ٿو ۽ مختلف مفت ايپس جي مدد سان فون کي ڊيش ڪيم طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
الارم طور استعمال ڪريو
پراڻي سمارٽ فون کي ايپ جي مدد سان الارم ڪلاڪ طور پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اهڙيون ڪيتريون ئي ايپس موجود آهن، جيڪي مختلف گانا يا ٻيا آواز الارم طور استعمال ڪرڻ جي سهولت ڏين ٿيون.
فون کي بستري جي ڀرسان رکي سگهجي ٿي ۽ وقت به وقت چارج ڪري سگهجي ٿي ته جيئن اِها ڪم ڪندي رهيي.
اي ريڊر طور استعمال ڪريو
جيڪڏهن توهان ڊوائيسز تي مطالعو ڪرڻ پسند ڪندا آهيو ته اي ريڊر هڪ مثالي ڊوائيس آهي، پر انهن کي خريد ڪرڻ گهڻو مهانگو ٿي سگهي ٿو.
پراڻي فون سولائيءَ سان اي ريڊر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿي، ان لاءِ پراڻي فون مان غيرضروري ايپس ۽ ڊيٽا ختم ڪري مفت اي ريڊر ايپس ڊائون لوڊ ڪريو ۽ ان کي مطالعي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪريو.
سڪيورٽي ڪئميرا طور استعمال ڪريو
گهر جي سڪيورٽي ڪئميرائن جو استعمال موجودا دور ۾ تمام گهڻو وڌي ويو آهي.
پراڻي سمارٽ فون کي سڪيورٽي ڪئميرا ۾ تبديل ڪري ڪجهه حد تائين پئسا بچائي سگهجن ٿا.
گهڻي ڀاڱي فون مناسب ڪئميرا سان ليس هوندا آهن ۽ انهن کي رڳو وائرليس ڪنيڪشن ۽ مناسب ايپ جي ضرورت هوندي آهي.
ڪيتريون ئي مفت ايپس موجود آهن، جيڪي فون کي سڪيورٽي ڪئميرا ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون.
ايم پي ٿري پليئر طور استعمال ڪريو
پراڻي فون کي ميڊيا پليئر طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
پراڻي ڊيٽا ختم ڪري ميوزڪ ۽ ميوزڪ ايپس برقرار رکي سگهجن ٿيون، جنهن کانپوءِ فون ۾ ڪيترائي گانا محفوظ ڪري سگهجن ٿا.
اهڙي طرح الڳ ايم پي ٿري پليئر خريد ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي.
گيمنگ ڊوائيس طور استعمال ڪريو
پراڻي فون کي گيمنگ ڊوائيس ۾ تبديل ڪري گيمنگ لائبريري طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن واءِ فاءِ ڪنيڪشن سٺو آهي ته مشهور اينڊرائيڊ يا آءِ او ايس گيمز کي ان ۾ انسٽال ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن توهان ڪنسول يا ڪمپيوٽر جون گيمز موبائل تي کيڏڻ چاهيو ٿا ته ايڪس باڪس ڪلائوڊ گيمنگ ۽ اسٽريم لنڪ ذريعي به ائين ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن توهان وٽ پلي اسٽيشن ڪنسول موجود آهي ته پي ايس ريموٽ پلي ذريعي پلي اسٽيشن 4 يا 5 جون پسنديدا گيمز موبائل ڊوائيس تي کيڏي سگهجن ٿيون.
ڊجيٽل فوٽو فريم طور استعمال ڪريو
اڪثر سمارٽ فون هاڻي ڪئميرا طور به استعمال ٿين ٿا ۽ ماڻهو روزمره زندگي جون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍن ٿا.
پر انهن تصويرن کي توهان ڪيترا ڀيرا ڏسندا آهيو؟ پراڻي فون کي ڊجيٽل فوٽو فريم ۾ ڇو نه تبديل ڪيو وڃي؟
پهرين اهي تصويرون چونڊيو، جيڪي ڊسپلي ڪرڻ چاهيو ٿا، پوءِ مختلف فوٽو فريمنگ ايپس، جهڙوڪ گوگل فوٽوز، ۾ انهن جو البم ٺاهي سلائيڊ شو تيار ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي طرح پراڻي فون آفيس ۾ ڪم دوران ڊجيٽل فوٽو فريم طور استعمال ٿي سگهي ٿي.