سنڌ کي ورهائڻ جي حمايت ڪئي ته 7 ڪروڙ سنڌي وڏيرن جي قبرن کي باهيون ڏيندا: رياض چانڊيو

شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته وفاقي وزير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ اسٽيبلشمينٽ جا طاقتور وزير چون ٿا ته ملڪ جو انتظامي ڍانچو ويهي رهيو آهي.
شهدادڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري پنجاب کي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سڄي سنڌ اونداهي ۾ آهي.
هن چيو ته هاڻي ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور، خاص طور لاهور ۾ اهو بحث زور وٺي رهيو آهي ته پاڪستان جو وفاق مڪمل طور ويهي رهيو آهي ۽ اهو ڊليور نٿو ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي حمايت ڪئي وئي ته 7 ڪروڙ سنڌي وڏيرن جي قبرن کي باهيون ڏئي ڇڏيندا.

You might also like