ڪراچي(ع آ نيوز)عالمي بئنڪ جي غربت بابت تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ’ميناپ‘ خطي جي 48 سيڪڙو غريب آبادي پاڪستان ۾ رهي ٿي، جڏهن ته انهن ماڻهن جي روزاني آمدني غربت جي مقرر ڪيل 3 ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 840 رپين کان به گهٽ آهي. ’ميناپ‘ خطي ۾ وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان شامل آهن. عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب ڊگهي عرصي کان جاري معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ حقيقي گهريلو آمدني ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ نه رڳو غربت وڌي آهي پر روزگار جا موقعا پڻ گهٽ ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018-19ع کان 2024-25ع تائين روزاني 3 ڊالر آمدني واري معيار تحت پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ 6.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته روزاني 4.2 ڊالر واري معيار تحت غربت ۾ 3.2 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. عالمي بئنڪ جو اندازو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌ جي شرح 2.2 سيڪڙو رهندي، جيڪا گذريل سال جي لڳ ڀڳ برابر آهي. رپورٽ موجب پاڪستان کي مسلسل ڪيترن ئي ناڪاري معاشي ڌڪن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ ڪورونا وبا، 2022ع جا تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، معاشي بحران، تيز رفتار مهانگائي ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي شامل آهن.عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته علائقائي سطح تي غربت ۾ اضافو بنيادي طور پاڪستان ۾ غربت وڌڻ سبب ٿيو آهي. وچ اوڀر جي تڪرار جي معاشي اثرن جو ذڪر ڪندي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تڪرار شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ لبنان ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته شام ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پڻ پيٽرول مهانگو ٿيو. اهڙي طرح ڊيزل جي اگهن ۾ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي، جڏهن ته لبنان ۾ ڊيزل 80 سيڪڙو ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 70 سيڪڙو تائين مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان، مراڪش، تيونس، جبوتي، مصر ۽ اردن جهڙن تيل درآمد ڪندڙ ملڪن کي مختلف معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. تيل ۽ روزمره استعمال جي شين جي وڌندڙ اگهن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان حڪومتن جي مالي گنجائش پڻ محدود ٿي رهي آهي. عالمي بئنڪ موجب نار جي ملڪن مان ايندڙ ترسيل زر ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته قرض وٺڻ جي لاڳت وڌي وئي آهي ۽ معاشي خطرن سبب انشورنس به مهانگي ٿي آهي. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جو نجي شعبو اڃا تائين بدلجندڙ معاشي ضرورتن ۽ حالتن سان پاڻ کي مڪمل طور هم آهنگ نه ڪري سگهيو آهي .