موسمياتي تبديلي هاڻي مستقبل جو ڪو خدشو نه رهي آهي، پر اسان جي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي. گرمي پد ۾ واڌ، گرميءَ جون ڊگهيون لهرون، برساتن جي غير يقيني صورتحال، شهري علائقن ۾ وڌندڙ گرمي، هوا جي گدلاڻ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ماحولياتي بگاڙ جا اثر اسان جي چوڌاري نمايان نظر اچن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن طرفان ماحول جي بهتري، وڻڪاري ۽ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ بابت تقريرون ۽ اعلان ته ٿيندا رهن ٿا، پر سوال اهو آهي ته انهن اعلانن جو عملي نتيجو ڪٿي نظر اچي ٿو؟ جيڪڏهن ماحوليات واقعي حڪومتي ترجيح هجي ته شهرن ۾ وڻن جو تعداد وڌندي، صفائيءَ جو نظام بهتر ٿيندو، پارڪن ۽ کليل هنڌن جي حفاظت ٿيندي، ٻيلن جي واڍي روڪڻ لاءِ اثرائتو نظام موجود هوندو ۽ ماحولياتي قانونن تي بنا فرق عمل ٿيندو.
اسان وٽ بدقسمتيءَ سان ماحوليات بابت ڳالهائڻ ۽ ماحول لاءِ عملي ڪم ڪرڻ ۾ وڏو فرق موجود آهي. وڻڪاريءَ جون مهمون هلن ٿيون، تصويرون ڪڍرايون وڃن ٿيون، شجرڪاريءَ جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، پر انهن پوکيل وڻن جي سار سنڀال، پاڻي ڏيڻ، انهن جي بقا ۽ واڌ ويجهه بابت مستقل نگراني جو نظام نظر نٿو اچي. هڪ پاسي نوان وڻ پوکڻ جا اعلان ٿين ٿا ته ٻئي پاسي اڳ ئي موجود وڻن جي بيدرديءَ سان واڍي جاري رهي ٿي. جيڪڏهن پوکيل وڻ بچي نه سگهن ۽ پراڻا وڻ بنا سبب ڪٽبا رهن ته پوءِ رڳو وڻ پوکڻ جي انگن اکرن سان ماحول بهتر نٿو ٿي سگهي.
وڻ صرف شهرن جي خوبصورتيءَ جو ذريعو نه آهن، پر اهي ماحولياتي نظام جو بنيادي حصو آهن. وڻ هوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري آڪسيجن پيدا ڪن ٿا، گرمي گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿا، مٽيءَ کي مضبوط رکن ٿا، پاڻيءَ جي قدرتي چڪر کي برقرار رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ پکين توڙي ٻين جاندارن لاءِ رهائش فراهم ڪن ٿا. جڏهن وڻن جي وڏي پيماني تي واڍي ٿئي ٿي ته ان جا اثر رڳو ان جاءِ تائين محدود نٿا رهن، پر سڄي ماحولياتي نظام تي پون ٿا. شهرن ۾ وڻن جي اهميت ته اڃا وڌيڪ آهي. ڪنڪريٽ، اسفالٽ، عمارتن ۽ گاڏين جي وڌندڙ تعداد سبب شهري گرمي وڌندي وڃي ٿي. وڻ ڇانوَ فراهم ڪري گرميءَ جي شدت گهٽائين ٿا. پر جڏهن روڊن جي توسيع، تعميراتي منصوبن، تجارتي سرگرمين يا ٻين سببن جي آڙ ۾ وڻ ڪٽيا وڃن ٿا ته ان جي بدلي ۾ نئين وڻڪاري جو مؤثر بندوبست نٿو ڪيو وڃي. نتيجي ۾ شهر وڌيڪ گرم، وڌيڪ آلوده ۽ انساني رهائش لاءِ گهٽ سازگار ٿيندا وڃن ٿا.
ٻيلن جي واڍي جا نقصان ان کان به وڌيڪ وسيع آهن. ٻيلو رڳو وڻن جو مجموعو نه هوندو آهي، پر اهو هڪ مڪمل ماحولياتي نظام هوندو آهي، جنهن سان بي شمار جاندار، پکي، جيت، ٻوٽا ۽ قدرتي وسيلا ڳنڍيل هوندا آهن. جڏهن ٻيلن کي تباهه ڪيو وڃي ٿو ته جهنگلي جيوت جي رهائش ختم ٿئي ٿي، حياتياتي تنوع متاثر ٿئي ٿو ۽ قدرتي ماحول جو توازن بگڙي ٿو. ان سان گڏ زمين جي ڪٽائي وڌي سگهي ٿي، پاڻي جذب ڪرڻ جي قدرتي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ برساتن دوران ٻوڏ جي خطري ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو.
هڪ اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن وڻن جي واڍي ماحول کي ايترو نقصان پهچائي ٿي ته پوءِ انهن جي تحفظ لاءِ سخت ۽ اثرائتو قانون ڇو نظر نٿو اچي؟ ڪيترن ئي هنڌن تي وڻن کي ڪٽڻ وقت اجازت، نگراني ۽ ذميواريءَ جو نظام ايترو مضبوط نظر نٿو اچي، جيترو ماحول جي تحفظ لاءِ گهربل آهي. قانون موجود هجي به ته ان تي عملدرآمد وڌيڪ اهم آهي. اهڙو نظام هجڻ گهرجي، جنهن ۾ بنا اجازت وڻ ڪٽڻ تي واضح ڏنڊ، ذميواري ۽ بحاليءَ جو بندوبست هجي، جڏهن ته سرڪاري ادارن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو وڃي. ساڳئي وقت رڳو وڻ ڪٽڻ تي پابندي ڪافي نه هوندي. جتي ترقياتي منصوبن سبب وڻ هٽائڻ ناگزير هجي، اتي ماحولياتي نقصان جو باقاعده جائزو وٺڻ ۽ ان جي تلافي لاءِ مناسب تعداد ۾ وڻ پوکڻ، انهن جي سار سنڀال ۽ بقا کي يقيني بڻائڻ لازمي هجڻ گهرجي. صرف ڪاغذن تي وڻ پوکڻ بدران انهن جي بقا کي ڪارڪردگيءَ جو معيار بڻايو وڃي.
اسان کي وڻڪاريءَ جي تصور کي به مهم بدران مستقل پاليسي بڻائڻو پوندو. هر ضلعي، شهر، تعلقي ۽ يوسي جي سطح تي وڻڪاريءَ لاءِ واضح هدف مقرر ڪري سگهجن ٿا. سرڪاري زمينن، اسڪولن، اسپتالن، روڊن، پارڪن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي مناسب وڻ پوکي سگهجن ٿا. پر ان سان گڏ پاڻي، سار سنڀال ۽ تحفظ جو انتظام به لازمي هجي. جيڪڏهن هڪ وڻ پوکڻ کان پوءِ ان کي پاڻي نه ملي، جانورن کان تحفظ نه ملي يا ان جي سنڀال نه ڪئي وڃي ته رڳو شجرڪاريءَ جي رپورٽ ۾ انگ وڌائڻ سان ماحولياتي بهتري حاصل نه ٿيندي.
ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جو ڪردار به اهم آهي. وڻن جي غير قانوني واڍي، سرڪاري يا نجي زمينن تي ماحولياتي نقصان ۽ صفائيءَ جي ناقص انتظام بابت سوال اٿارڻ ضروري آهي. ماحولياتي معاملن تي رپورٽنگ کي موسمياتي تبديليءَ جي عالمي بحث تائين محدود رکڻ بدران مقامي مسئلن سان جوڙڻو پوندو. عوام کي اهو به ٻڌائڻو پوندو ته هڪ وڻ جي واڍي سان ڇا وڃائجي ٿو ۽ هڪ وڻ جي حفاظت سان سماج کي ڪهڙو فائدو ملي ٿو. حڪومتن کي هاڻي ماحول بابت رڳو وڏا اعلان ڪرڻ بدران ماپجڻ جهڙا هدف مقرر ڪرڻ گهرجن. ڪيترا وڻ پوکيا ويا، انهن مان ڪيترا بچيا، ڪيترا وڻ ڪٽيا ويا، ڪهڙي اجازت سان ڪٽيا ويا، ڪيترا ماڻهو يا ادارا قانون جي ڀڃڪڙي تي ذميوار قرار ڏنا ويا، ڪيترو ڪچرو روزاني بنياد تي گڏ ٿئي ٿو ۽ ان مان ڪيترو محفوظ طريقي سان تلف ٿئي ٿو اهڙا انگ اکر عوام جي سامهون اچڻ گهرجن. شفافيت سان ئي ماحولياتي پاليسين جي ڪارڪردگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.