14 ورهين جي عمر ۾ تخت نشين، 1951ع ۾ مڪمل اختيار مليا، رياست خيرپور جو پاڪستان سان الحاق به سندس ئي دور ۾ ٿيو اڳوڻي رياست خيرپور جو آخري حڪمران هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو ۽ کيس سکر جي ايس آءِ يو ٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي سومر 5 آڪٽوبر 2026ع تي هن حقيقي خالق سان وڃي مليو. سندس لاڏاڻي جي تصديق سندس صاحبزادي پرنس مير مهدي رضا ٽالپر ڪئي.
مير علي مراد خان ٽالپر 29 جون 1933ع تي برطانيه جي شهر برائيٽن، سسڪس ۾ پيدا ٿيو. هو رياست خيرپور جي حڪمران مير فيض محمد خان ٽالپر ثاني ۽ دلہن پاشا بيگم جو صاحبزادو هو. سندس تعلق سنڌ جي تاريخي ٽالپر خاندان سان هو، جنهن جي خيرپور ۾ حڪمراني جي شروعات 18هين صديءَ جي آخر ۾ ٿي. مير علي مراد خان ابتدائي تعليم سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بعد ۾ ايچيسن ڪاليج لاهور ۾ تعليم ورتائين ۽ اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽي ويو.
1947ع ۾ برصغير جي آزاديءَ کان ڪجهه هفتا اڳ رياست خيرپور جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آيو. سندس والد مير فيض محمد خان ثاني جي صحت خراب ٿيڻ سبب 24 جولاءِ 1947ع تي برطانوي حڪومت کيس حڪمرانيءَ کان الڳ ڪيو ۽ سندس ننڍي صاحبزادي مير علي مراد خان ٽالپر کي رياست خيرپور جو حڪمران مقرر ڪيو. ان وقت مير علي مراد خان جي عمر صرف 14 ورهيه هئي. ننڍي عمر سبب رياستي معاملا هلائڻ لاءِ هڪ بورڊ آف ريجنسي قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ خاندان جا ويجها ماڻهو شامل هئا ۽ مير غلام حسين خان ٽالپر به ريجنٽ جي حيثيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح مير علي مراد خان ٽالپر تاريخ ۾ خيرپور رياست جي آخري حڪمران طور سامهون آيو.
قيام پاڪستان وقت خيرپور هڪ اهم خودمختيار رياست هئي. رياستي حڪومت شروعات ۾ 15 آگسٽ 1947ع تي يوم آزادي طور ملهائڻ جو اعلان به ڪيو هو، پر پاڪستان سان الحاق بابت ڳالهيون جاري رهيون. آخرڪار 3 آڪٽوبر 1947ع تي مير علي مراد خان جي ننڍي عمر سبب سندس طرفان ريجنٽ مير غلام حسين خان ٽالپر رياست خيرپور جي پاڪستان سان الحاق واري دستاويز تي صحيح ڪئي. ساڳئي ڏينهن رياست بهاولپور به پاڪستان سان الحاق ڪيو.
رياست خيرپور جو پاڪستان سان الحاق مير علي مراد خان ٽالپر جي دورِ حڪومت جو هڪ اهم ترين تاريخي واقعو هو ۽ هو ان لحاظ کان به پاڪستان جي تاريخ جو حصو بڻجي ويو ته سندس دور ۾ خيرپور نئين مملڪت پاڪستان سان پنهنجو آئيني تعلق قائم ڪيو.
ننڍي عمر سبب شروعاتي سالن ۾ رياستي معاملا ريجنسي ذريعي هلايا ويا، پر 1951ع ۾ مير علي مراد خان ٽالپر کي مڪمل حڪمرانيءَ جا اختيار ڏنا ويا. سيپٽمبر 1951ع جي تاريخي تقريب ۾ ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان لياقت علي خان، گورنر جنرل پاڪستان طرفان 18 ورهين جي مير علي مراد خان کي مڪمل حڪمرانيءَ جا اختيار ڏنا. تقريب درٻار هال خيرپور ۾ ٿي، جتي 17 توپن جي سلامي ڏني وئي. قرآن پاڪ جي تلاوت کان پوءِ وزيراعظم لياقت علي خان کيس خريتو پيش ڪيو، جنهن ذريعي کيس مڪمل حڪمرانيءَ جا اختيار ملي ويا.
مير علي مراد خان ٽالپر جي دور ۾ رياست خيرپور سياسي ۽ انتظامي حوالي سان به اهم تبديليون ڏٺيون. 1950ع ۾ رياست ۾ بالغ راءِدهيءَ جي بنياد تي چونڊون ڪرايون ويون ۽ خيرپور ۾ قانون ساز اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آيو. رياستي دور ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن کي به اهميت ڏني وئي. تاريخي رڪارڊ موجب خيرپور ۾ تعليم تي نمايان سرڪاري خرچ ڪيا ويندا هئا، جڏهن ته شهرين لاءِ صحت جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون هيون.
1950ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي انتظامي ڍانچي ۾ وڏيون تبديليون شروع ٿيون. خيرپور جي مستقبل ۽ پاڪستان سان مڪمل انضمام واري معاملي تي به بحث ٿيو. 10 نومبر 1954ع تي خيرپور جي قانون ساز اسيمبليءَ پاڪستان سان انضمام جي قرارداد منظور ڪئي، جنهن کان پوءِ مير علي مراد خان ٽالپر رياست جي پاڪستان سان انضمام واري معاهدي تي صحيح ڪئي. بعد ۾ 1955ع جي ون يونٽ نظام تحت خيرپور رياست جو الڳ رياستي تشخص به ختم ٿي ويو ۽ اها مغربي پاڪستان جو حصو بڻجي وئي. اهڙيءَ طرح مير علي مراد خان ٽالپر جو بطور خودمختيار حڪمران دور پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، پر هو سڄي زندگي خيرپور جي آخري حڪمران جي حيثيت ۾ تاريخي حوالن ۾ نمايان رهيو.
رياستي نظام جي خاتمي کان پوءِ به مير علي مراد خان ٽالپر خيرپور جي تاريخي ورثي ۽ ٽالپر خاندان جي علامت طور مشهور رهيو. هو گهڻي عرصي تائين تاريخي فيض محل سان وابسته رهيو، جيڪو خيرپور جي ٽالپر حڪمرانيءَ جي اهم يادگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو مذهبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ به شريڪ رهندو هو ۽ خاندان جي روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ مشهور هو. سندس گهر واري عاليه ٽالپر به خيرپور ۾ مذهبي گڏجاڻين، فلاحي سرگرمين ۽ تعليم جي فروغ جي حوالي سان سڃاتي ويندي هئي.
مير علي مراد خان ٽالپر 1958ع ۾ بهاولپور جي نواب سر صادق محمد خان عباسي پنجم جي صاحبزادي غلام صديقه بيگم سان شادي ڪئي، پر بعد ۾ ٻنهي ۾ علحدگي ٿي وئي. سندس ٻي گهر واري عاليه ٽالپر مشهور مذهبي عالم علامه رشيد ترابيءَ جي صاحبزادي هئي. عاليه ٽالپر 2019ع ۾ ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ٻه صاحبزادا مير عباس رضا خان ٽالپر ۽ پرنس مير مهدي رضا ٽالپر، جڏهن ته هڪ صاحبزادي زهرا آهي.
مير علي مراد خان ٽالپر پنهنجي ڊگهي زندگيءَ ۾ برصغير جي ورهاڱي، قيام پاڪستان، رياست خيرپور جي پاڪستان سان الحاق، رياستي نظام جي خاتمي ۽ جديد پاڪستان جي جوڙجڪ جا ڪيترائي اهم دور پنهنجي اکين سان ڏٺا. هو خيرپور جي رياستي تاريخ جو آخري حڪمران هو، جنهن نه صرف قيام پاڪستان واري زماني ۾ رياست جي قيادت ڪئي، پر بعد واري دور ۾ به پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ خانداني ورثي سبب عوامي ۽ تاريخي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو.
هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو. طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس سکر جي ايس آءِ يو ٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سومر 5 آڪٽوبر 2026ع تي 93 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي سان خيرپور رياست جي تاريخ سان ڳنڍيل هڪ اهم ۽ آخري زنده شخصيت دنيا مان رخصت ٿي وئي. سندس وفات کي خيرپور جي تاريخي، ثقافتي ۽ ٽالپر شاهي ورثي جي هڪ اهم باب جي پڄاڻيءَ طور ڏٺو پيو وڃي.