پاڪستان ۾ 2026ع جي ٽئين ٽه ماهي دوران تشدد سان لاڳاپيل جاني نقصان ۾ 83 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڪاررواين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي.
سينٽر فار ريسرچ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع دوران ملڪ ۾دهشتگردي، دهشتگرديءَ خلاف ڪاررواين ۽ ٻين پرتشدد واقعن ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ان صورتحال ۾ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي ٻي ٽه ماهي جي مقابلي ۾ جاني نقصان ٽن کان به وڌيڪ ڀيرا وڌي ويو. قومي سطح تي تشدد سان لاڳاپيل جاني نقصان ۾ ٿيل مجموعي واڌ جو لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو حصو بلوچستان سان لاڳاپيل رهيو. بلوچستان کان پوءِ خيبر پختونخوا ملڪ جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو رهيو. ٻئي صوبا هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڪاررواين جا اهم مرڪز بڻيل رهيا. رپورٽ موجب ٽئين ٽه ماهي دوران بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ گڏيل طور ملڪ جي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو تشدد سان لاڳاپيل جاني نقصان رڪارڊ ڪيو ويو.
سينٽر فار ريسرچ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز موجب ان عرصي دوران سڄي ملڪ ۾ شهرين، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن سميت گهٽ ۾ گهٽ 1,415 ماڻهو تشدد سان لاڳاپيل واقعن ۾ مارجي ويا، جڏهن ته 585 پرتشدد واقعا رپورٽ ٿيا. انهن واقعن ۾ دهشتگرد حملا ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون پڻ شامل آهن.
بلوچستان ۾ 829 ماڻهو مارجي ويا، جيڪي قومي مجموعي تعداد جو لڳ ڀڳ 59 سيڪڙو بڻجن ٿا. خيبر پختونخوا ۾ 556 جاني نقصان رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي ملڪ ۾ ٿيل مجموعي جاني نقصان جو 39 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. اهڙيءَ ريت رڳو بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ ٿيل جاني نقصان جو انگ 1,385 تائين پهچي ٿو، جيڪو ملڪ ۾ تشدد سان لاڳاپيل مجموعي جاني نقصان جو لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو آهي. پرتشدد واقعن جي حوالي سان پڻ بلوچستان سڀ کان اڳيان رهيو. صوبي ۾ 186 واقعا رپورٽ ٿيا، جيڪي ملڪ ۾ رڪارڊ ٿيل مجموعي واقعن جو 48 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. خيبر پختونخوا ۾ 173 پرتشدد واقعا پيش آيا، جيڪي مجموعي واقعن جو لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو بڻجن ٿا.
زخمين جا انگ اکر پڻ صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪن ٿا. خيبر پختونخوا ۾ 376 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 163 ماڻهو زخمي ٿيا. اهڙيءَ طرح ٻنهي صوبن ۾ نه رڳو جاني نقصان وڌيڪ رهيو، پر تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جو انگ پڻ نمايان رهيو..
رپورٽ موجب ٻي ٽه ماهي کان ٽئين ٽه ماهي دوران تشدد ۾ ٿيل واڌ 2021ع کان پوءِ سڀ کان نمايان واڌ هئي. اهو انگ اکر ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪري ٿو ته ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۾ ڪجهه عرصي لاءِ بهتري اچڻ باوجود تشدد جو مسئلو اڃا تائين انتهائي حساس ۽ پيچيده بڻيل آهي
پاڪستان جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو هڪ اهم پاسو اهو پڻ آهي ته تشدد سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙي نموني پکڙيل ناهي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا مسلسل هن بحران جو سڀ کان وڏو بار برداشت ڪري رهيا آهن. انگ اکر پڻ ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ ۾ تشدد سان لاڳاپيل جاني نقصان ۽ پرتشدد واقعن جو وڏو حصو انهن ٻنهي صوبن تائين محدود رهيو. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي رڳو عسڪري ڪاررواين کي ئي مسئلي جو حل سمجهڻ بدران انهن عنصرن کي پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مسلسل بدامني جو سبب بڻجي رهيا آهن. سرحدي صورتحال، هٿياربند گروهن جون سرگرميون، مقامي تڪرار، ڪمزور حڪمراني، پسماندگي، روزگار جا محدود موقعا ۽ ڪجهه علائقن ۾ رياستي ادارن ۽ شهرين وچ ۾ اعتماد جي مسئلن تي پڻ سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. تشدد ۾ 83 سيڪڙو واڌ رڳو هڪ شمارياتي خبر ناهي، پر ان جي پويان انساني جانين جو نقصان، خاندانن جو اجڙڻ، ماڻهن جو زخمي ٿيڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ جهڙا سنگين مسئلا موجود آهن. هر جاني نقصان پنهنجي پويان هڪ خاندان، هڪ گهر ۽ هڪ سماجي ۽ معاشي نقصان ڇڏي وڃي ٿو.
سينٽر فار ريسرچ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ ۾ دهشتگرد تنظيمن پاران ڪيل حملن جو پڻ جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ موجب ٽئين ٽه ماهي دوران تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) 13 حملن جي ذميواري قبول ڪئي، جن ۾ 117 ماڻهو مارجي ويا. بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) پنج حملن جي ذميواري قبول ڪئي، جن ۾ 34 ماڻهو مارجي ويا ۽ 42 زخمي ٿيا.
سينٽر فار ريسرچ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز موجب حملن جي طريقه ڪار ۾ پڻ تبديليون ڏسڻ ۾ آيون. گاڏين ذريعي ڪيل خودڪش حملن ۾ مجموعي طور 81 ماڻهو مارجي ويا ۽ 204 زخمي ٿيا. هٿياربند حملن ۾ 147 جاني نقصان ۽ 116 زخمي رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته فائرنگ جي 58 واقعن ۾ 72 ماڻهو مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا. ڊرون حملن جي 16 واقعن ۾ 13 ماڻهو مارجي ويا ۽ 48 زخمي ٿيا..
اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ ۾ تشدد جا طريقا پڻ مختلف نوعيت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ مختلف قسم جا هٿيار ۽ حملي جون حڪمت عمليون استعمال ڪيون پيون وڃن
2026ع جي ٽئين ٽه ماهي جا انگ اکر هڪ ڀيرو وري اهو سوال اٿارين ٿا ته جيڪڏهن پهرين ٻن ٽه ماهين دوران تشدد ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار نه رهي سگهيو، ته مستقبل ۾ پائيدار امن لاءِ حڪمت عمليءَ جي ڪهڙن پاسن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ ٽن مهينن دوران 1,415 جاني نقصان ۽ سوين زخمين جو انساني نقصان ان ڳالهه جو تقاضو ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي جي مسئلي کي رڳو وقتي انگن اکرن جي بنياد تي نه، پر هڪ ڊگهي مدي واري قومي چئلينج طور ڏٺو وڃي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي ۽ صوبائي سطح تي سيڪيورٽي پاليسي سان گڏ سياسي، انتظامي ۽ معاشي قدمن کي پڻ مربوط ڪيو وڃي. بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جهڙن حساس صوبن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مؤثر سيڪيورٽي قدمن سان گڏ مقامي آباديءَ جي مسئلن، بنيادي سهولتن، تعليم، روزگار، ترقياتي عمل ۽ قانون جي مؤثر عملداري کي پڻ ترجيح ڏيڻ گهرجي. امن رڳو طاقت جي استعمال سان قائم نٿو رهي سگهي؛ پائيدار امن لاءِ سيڪيورٽي، بهتر حڪمراني، معاشي موقعن، انصاف، بنيادي سهولتن ۽ مقامي آباديءَ جي اعتماد کي گڏ کڻي هلڻ ضروري آهي. پاڪستان ۾ ٽئين ٽه ماهي دوران تشدد ۾ ٿيل 83 سيڪڙو واڌ ان ڳالهه جي ياد ڏياريندي آهي ته امن ۽ سلامتيءَ لاءِ ڊگهي مدي واري، مربوط ۽ علائقائي حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي وئي آهي.