’شهر ڪراچي‘ جي جذبن جي پاڻمرادو اجاره دار بڻيل هڪ جماعت دانهن ڪري رهي آهي ته سرڪار پاران هلندڙ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ تازو ايم ڊي ڪيٽ جي نالي سان ورتل امتحان جي نتيجي ۾ سندن شهر جو ڪو به شاگرد يا شاگردياڻي امتيازي نمبر حاصل ڪندڙ ٽاپ 20 ۾ شامل نه ٿيو. اها ڳالهه ناقابلِ اعتبار قرار ڏني پئي وڃي. ان کان به وڌيڪ حيرت جو اظهار ان حقيقت تي ڪيو پيو وڃي ته امتيازي نمبرن سان ڪامياب ٿيندڙ شاگردن جي وڏي تعداد جو تعلق ٿرپارڪر سان آهي. ٿرپارڪر کي اسان جي قومي ميڊيا عام طور ’بک ۾ تڙپندڙ‘ ٻارن جي فوتگين جي حوالي سان سڃاڻي ٿي. ان پسمنظر ۾ اها ڪهاڻي جوڙڻ آسان ٿي ويو آهي ته تازو ٿيل ميڊيڪيٽ امتحان ۾ ’وڏيرن جي حڪومت‘ ضرور ڌانڌلي ۽ بدعنواني جي سرپرستي ڪئي هوندي. شهري ۽ ٻهراڙي سنڌ جي بنياد تي 1980ع واري ڏهاڪي کان وڌيڪ سنگين ٿيندڙ تفريق کي هن الزام ذريعي وڌيڪ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بدقسمتي سان قومي ميڊيا ان معاملي جو غيرجانبدار ۽ حقيقت پسندانه تجزيو ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿي ڏيکاري.
ذاتي حوالي سان منهنجي زندگي جا سڀ کان ڏکيا ۽ انتهائي خوشگوار ڏينهن ڪراچي ۾ گذريا آهن. 1978ع ۾ ايم ڪيو ايم جي باني ڪارڪنن سان ڊگهي عرصي تائين ملاقاتون ٿينديون رهيون. انهن ملاقاتن سبب هن جماعت جي قيام ۽ عروج جا سبب چڱيءَ ريت سمجهڻ جو موقعو مليو. ايم ڪيو ايم جون بي شمار شڪايتون جائز سمجهڻ باوجود مان ان جي پرتشدد سياست جو سخت نقاد رهيو آهيان. ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪرڻ سان مان ’جيالو‘ نٿو بڻجي وڃان. پر ٽيليويزن تي ظاهر ٿيڻ سان ناظرين پنهنجي دلين ۾ نسلن کان پلجندڙ تعصب جي بنياد تي تجزيه نگارن کي ’جيالن‘ ۽ ’غير جيالن‘ ۾ ورهائي ڇڏين ٿا. مان وضاحتن ۾ وقت ضايع ڪرڻ بدران پنهنجن خيالن جي اظهار تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو.
فرض ڪريون ته سنڌ جي مبينا طور ’بدعنوان حڪومت‘ ڪراچي کي هيٺ ڏيکارڻ لاءِ اهڙي ڪا چالاڪي ڳولي لڌي، جيڪا 1990ع واري ڏهاڪي ۾ انتهائي سوچ ويچار سان متعارف ڪرايل ميڊيڪيٽ جي امتحاني نظام ۾ نقب هڻي سگهي ٿي، ته پوءِ ان مان رڳو ٿرپارڪر جا ٻار ئي فائدو ڇو وٺن ها؟ لاڙڪاڻي يا بينظيرآباد جا شاگرد ان مبينا چالاڪي کان محروم ڇو رهن ها؟ ميڊيڪيٽ امتحاني نظام بابت ڪراچي سان ٿيل مبينا ناانصافي جي دانهن کي نظر ۾ رکندي، ان حقيقت تي به غور ضروري آهي ته آبادي جي لحاظ کان ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر جو هر رهواسي ان برادري سان تعلق نٿو رکي، جنهن جي نمائندگي جي دعويٰ هڪ مخصوص جماعت ڪري ٿي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي، ڪابل، قنڌار ۽ ڪوئيٽا جي مقابلي ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جو سڀ کان وڏو شهر بڻجي چڪو هو. موجوده صديءَ جي شروعات کان ڪراچي ۾ نسلن کان آباد سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ٻين شهرن مان هن شهر ڏانهن لڏي آيل ماڻهو وڌيڪ تعداد ۾ نظر اچڻ لڳا. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪمند جي پوک وڌڻ سبب سرائيڪي عورتون ڪپهه جي چونڊ کان محروم ٿيون ته ان علائقي مان سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهو به ڪراچي منتقل ٿيڻ شروع ٿيا. پنجابين جو به وڏو تعداد ڪيترين ئي نسلن کان هن شهر ۾ آباد آهي.
اسان وٽ وڏن شهرن جي آبادي ۾ ٿيندڙ واڌ ۽ تبديلين جو علمي جائزو وٺڻ جي روايت موجود ناهي. هن علم کي ’ڊيموگرافي‘ چيو وڃي ٿو. ڊيموگرافي کي سماجيات جي هڪ اهم شاخ تصور ڪيو ويندو آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن دوران مون کي اهڙو ڪو عالم نه مليو، جنهن پاڪستان يا پرڏيهي يونيورسٽي مان هن علم ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي هجي. البته ڪجهه سماجيات جا ماهر ڪراچي ۾ آباد مختلف نسلي گروهن تي علمي انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڪاش! انهن جي مدد سان اسان عام پاڪستانين جي اڪثريت کي ڪراچي جي ’لساني جاگرافي‘ ۽ ٻين حقيقتن کان واقف ڪرائي سگهون.
سنجيده معاملن بابت تعصب تي ٻڌل تجزين جو ذڪر هن وقت منهنجو موضوع ناهي. فقط ايترو عرض ڪرڻ ضروري آهي ته ٿرپارڪر جا ٻار ڪيترين ئي صدين کان انتهائي غريب طبقن سان تعلق رکن ٿا. انهن مان وڏي اڪثريت اسان جي اقليتي برادري سان تعلق رکي ٿي. وڏيرا به فطري طور انهن تي ڪا خاص مهرباني ڪرڻ کان پاسو ڪندا رهيا آهن. پر انتهائي غريب خاندانن ۾ پيدا ٿي وڏا ٿيندڙ اهي ٻار غربت ۽ مفلسي جي زنجيرن مان آزاد ٿيڻ لاءِ تعليم تي خاص ڌيان ڏين ٿا. 1980ع واري ڏهاڪي کان رپورٽر جي حيثيت سان جڏهن ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قائم ميڊيڪل ڪاليجن ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو سرسري جائزو وٺندو رهيو آهيان ته ٿرپارڪر مان آيل ٻارن جو تعداد غيرمعمولي نظر آيو. اسلام آباد جي اسپتالن ۾ به ڪيترائي فرض شناس ۽ علاج جي مهارت رکندڙ ڊاڪٽر ٿرپارڪر مان آيل مليا.
سنڌ بابت شهري ۽ ٻهراڙي جي گمراهه ڪندڙ تفريق کان مٿانهون ٿي سوچيندي خيبرپختونخوا جي انتهائي پٺتي پيل علائقي ڪرڪ تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. خيبرپختونخوا جي اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي استادن جو تعلق هن علائقي سان آهي. خيبرپختونخوا کانسواءِ ڏکڻ پنجاب جا تونسه، ڪوٽ ادو ۽ ليه جهڙا ضلعا به آهن. سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ متعارف ڪرايل ميڊيڪيٽ امتحان جي نتيجي ۾ انهن علائقن مان حيران ڪندڙ تعداد ۾ شاگرد ڪامياب ٿيا آهن. تلخ حقيقت اها آهي ته پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ غريب خاندانن جا ڪيترائي ٻار پاڻ کي ڄمڻ کان مليل غربت ۽ مفلسي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏين ٿا. ان جي ابتڙ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي نسبتاً خوشحال خاندانن جا ٻار تعليم سان گڏ زندگي کي به ’انجواءِ‘ ڪرڻ چاهين ٿا. پر هن پهلو کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
ڪراچي ڏانهن واپس ايندي اها ڳالهه به ياد رکڻي پوندي ته گذريل ڪجهه سالن کان نام نهاد اربن سنڌ لاءِ مخصوص ڪيل سي ايس ايس جون ڪيتريون ئي سيٽون امتحان جي نتيجي ۾ اڪثر خالي رهجي وڃن ٿيون. اتفاق سان سنڌ جي ٻهراڙي مان اعليٰ سرڪاري ملازمتن حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ هن امتحان ۾ به ٿرپارڪر جا رهواسي نمايان نمبرن سان ڪامياب ٿي رهيا آهن. ٿر جي ٻارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي شديد خواهش جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن جي ڪاميابي کي ساراهيندي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته ’سخت گير اسلامي ملڪ‘ طور سڃاڻپ رکندڙ پاڪستان ۾ ٿرپارڪر ۾ آباد هندو اقليت جا ٻار خالص ميرٽ جي بنياد تي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. پاڪستاني شهري طور برابر حقن جا مالڪ هئڻ سبب کين تعصب جي بنياد تي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه کان پري نٿو رکيو وڃي.