ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيڪا ايڪٽ ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) پاران صحافين کي جاري ڪيل نوٽيسن، اظهار جي آزادي تي پابندين، توهينِ عزت جي قانون ۽ صحافين کي درپيش قانوني مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صحافين کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ، قانوني ۽ پارلياماني مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ، صحافين خلاف ڪارروائين تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالتن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته صحافين کي مسلسل نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته اين سي سي آءِ اي پاڻ ئي عدالت بڻيل آهي. اخبارن ۽ ٽي وي چينلن کان پوءِ هاڻي سوشل ميڊيا تي به پابنديون وڌيون پيون وڃن ۽ صحافين کي ڌمڪايو پيو وڃي.سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته دنيا ۾ توهينِ عزت جو قانون هڪ مؤثر قانون طور سمجهيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ان جي فيصلن ۾ دير ٿي رهي آهي ته قانون کي بهتر بڻائڻ گهرجي. قانون ۾ هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.هن چيو ته 2008ع ۾ به تجويز ڏني وئي هئي ته ميڊيا ڪمپليٽنٽ سيل قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ صحافين جي نمائندگي به هجي، جڏهن ته ڪمپليٽنٽ سيل جون سفارشون ۽ فيصلا اخبارن ۾ شايع ڪيا وڃن.مظهر عباس چيو ته پيڪا ۽ اين سي سي آءِ اي کي اظهار جي آزادي کسڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. قانون کي هٿيار بڻائي صحافين کي روڪڻ بدران توهينِ عزت واري قانون کي بهتر بڻايو وڃي ۽ هراسان ڪرڻ واري عمل جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پنهنجو طريقيڪار جوڙي رهي آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.هن چيو ته جعلي خبر صرف ڪنهن خلاف ڳالهائڻ سان نه ٿي بڻجي، سرڪاري ادارا ۽ حڪومتون به ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڄاڻون جاري ڪن ٿيون، جيڪي حقيقتن جي ابتڙ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو منصوبو وجود ۾ ئي نه آيو هجي ۽ ان جي تشهير ڪئي وڃي ته اها به جعلي خبر جي زمري ۾ اچي ٿي، تنهنڪري جعلي خبر جي جامع وصف ضروري آهي.مظهر عباس وڌيڪ چيو ته سمورن ميڊيا ادارن ۾ محتسب جو ادارو هجڻ گهرجي، جڏهن ته صحافين جي به تربيت ضروري آهي ته خبر ڏيندي ڪنهن جي بنا سبب توهين نه ڪئي وڃي.ڪراچي يونين آف جرنلسٽس دستور جي سيڪريٽري ريحان چشتي چيو ته اين سي سي آءِ اي ڪنهن صحافي خلاف نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي آگاهه ڪري، ته جيئن معاملي جو بروقت جائزو وٺي سگهجي.فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ شهربانو چيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏ يونينن کي به صحافين کي جاري ٿيندڙ نوٽيسن بابت بروقت آگاهه ڪيو وڃي، ته جيئن يونينن سان لاڳاپيل صحافين کي ملندڙ نوٽيسن جي فوري ڄاڻ ملي سگهي ۽ کين قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي.ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري لبنى جرار چيو ته آئين جي خلاف قانون نه ٺاهڻ گهرجن. توهينِ عزت واري قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي، جڏهن ته ورڪ پليس جي به واضح وصف هجڻ گهرجي. ريڊيو ۽ ٽي وي کان پوءِ هاڻي صحافي سوشل ميڊيا تي به ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري نون حالتن مطابق قانون ۽ ضابطا جوڙيا وڃن.سينيئر صحافي غزالا فصيح چيو ته صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ پاليسي ۾ تبديلي لاءِ لابنگ شروع ڪرڻ گهرجي. قانون سازي ۽ پاليسي ۾ تبديلي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان رابطا ضروري آهن، جڏهن ته صحافين ۾ به قانونن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪي يو جي جي سيڪريٽري لياقت ڪشميري چيو ته اين سي سي آءِ اي ۽ پيڪا ايڪٽ ذريعي صحافين سان جنهن قسم جو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ٽيم جوڙي وڃي. صحافين خلاف وصول ٿيندڙ شڪايتن ۽ جاري ٿيندڙ نوٽيسن بابت ڪراچي پريس ڪلب ۽ يونينن کي بروقت آگاهه ڪيو وڃي.فيڊرل يونين آف جرنلسٽس دستور جي سيڪريٽري جنرل اي. ايڇ. خانزاده چيو ته پيڪا ايڪٽ خلاف آئيني درخواست داخل ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي قانون پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 سان ٽڪراءَ ۾ آهي. صحافين خلاف ڪجهه معاملن ۾ نوٽيس ڏيڻ کان سواءِ به ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.