ڪراچي (ارباب چانڊيو)سنڌ جي بورڊ آف ريوينيو ۾ سالن کان ساڳين ئي فائديمند عهدن تي قابض ۽ ترقي وٺڻ کان انڪار ڪندڙ سب رجسٽرارن خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي گهيرو تنگ ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران معاملي جو نتيجو وٺندي سنڌ حڪومت کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي سب رجسٽرار جيڪي ايندڙ گريڊ ۾ ترقي نٿا چاهين، انهن کي سڌو سنئون عهدن تان هٽايو وڃي يا انهن لاءِ ترقيءَ جا باب هميشه لاءِ بند ڪيا وڃن.ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ جي انهن هدايتن کانپوءِ سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو پاران هڪ اهم سمري منظوريءَ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏانهن موڪلي وئي آهي. سمريءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪل 63 سب رجسٽرار موجود آهن، پر هڪ ئي وقت سڀني کي هٽائڻ انتظامي لحاظ کان ڏکيو آهي، ان ڪري پهرين مرحلي ۾ 20 سب رجسٽرارن کي انهن جي عهدن تان هٽايو ويندو. جيڪڏهن انهن ترقي قبول ڪئي ته انهن جون بدليون ڪيون وينديون، ٻي صورت ۾ انهن کي هٽائي نوان آفيسر مقرر ڪيا ويندا.عام طور تي هر سرڪاري ملازم ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي، پر سنڌ جا سب رجسٽرار واحد ملازم آهن جيڪي پنهنجي ئي ترقي رد (Forego) ڪري هڪ ئي عهدي تي ويٺل آهن. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ سخت تنقيد ۽ سوالن کانپوءِ حڪومت حرڪت ۾ آئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سب رجسٽرار جون سيٽون نفعي بخش ۽ وڏي ڪمائيءَ واريون هجڻ ڪري آفيسر پنهنجا عهدا ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا.موجوده قانون تحت حڪومت ڪنهن به ملازم کي زبردستي ترقي قبول ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي، جنهن جو فائدو وٺندي اهي بااثر آفيسر پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويٺا هئا. پر هاڻي حڪومت ان قانون کي ئي ختم ڪرڻ وڃي رهي آهي ته جن کي ترقي نه وٺڻ جي رعايت مليل هئي، اها ختم ٿي وڃي.هٽايا ويندڙ سب رجسٽرار مختلف اسيمبلي ميمبرن، سياسي شخصيتن ۽ بااثر ماڻهن جا مائٽ (ڀائر، ڀائيٽيا ۽ پٽ) آهن جيڪي وڏين سفارشين تي ويٺل هئا. هاڻي انهن آفيسرن وٽ صرف ٻه رستا بچيا آهن يا ته اهي پنهنجي عهدن ۽ نوڪرين تان هٿ ڌوئي ويهن.يا وري چپ چاپ ايندڙ گريڊ جي ترقي قبول ڪري اتان روانا ٿين. بورڊ آف ريوينيو جي ذريعن اها تصديق ڪئي آهي ته سمري وڏي وزير وٽ پهچي چڪي آهي. جيئن ئي وڏو وزير ان تي صحيح ڪندو، قانوني تبديليءَ سان گڏوگڏ سالن کان هڪ ئي عهدي تي قابض آفيسرن جي هٽڻ جو عمل شروع ٿي ويندو.