سنڌ جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر بابت صدر آصف علي رداري جو چيني وفد کي ڏنل ھدايتن کان پوءِ ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ماڻھن ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آھي اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته صدر ھن منصوبي سان وڏي دلچسپي رکي ٿو سندس ھدايون يقينن منصوبي کي ھاڻ هڪ مقامي ترقياتي منصوبي جي دائري مان ڪڍي پاڪستان جي وسيع معاشي، سامونڊي ۽ واپاري حڪمت عمليءَ جي مرڪز ۾ آڻي بيهاري دنيا سان ڳنڍي سگھنديون ھن ملاقات ۾ سنڌ جو وزير اعلي مراد علي شاه سميت ٻيا پ پ ليڊر موجود ھئا ساڳي وقت وڏي وزير جو وزير اعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪري منصوبي جي شروع ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خدمتون تيز ڪرڻ جي گھر ڪن ٿيون پر وڏي اھميت صدر آصف علي زرداري جي چيني سيڙپڪاري ۽ انجنيئرنگ وفد جي سان ملاقات جي آھي جنھن ۾ ھن چيني وفد کي ڪيٽي بندر کي نئين سامونڊي بندرگاه ۽ عالمي واپاري گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ بابت هدايتون ڏنيون آھن سندس ھدايتون ان تسلسل جو حصو آھن ان کان اڳ جڏھن سنڌ حڪومت پاران مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ به ڪيٽي بندر کي عالمي سامونڊي، صنعتي ۽ توانائي مرڪز بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو اهي سڀ قدم گڏجي ڏسجن ته هڪ وڏي ۽ ڊگهي مدي واري معاشي تصور جا خدوخال واضح ٿين ٿا
صدر آصف علي زرداري جي چيني وفد سان ٿيل ملاقات هن سڄي بحث کي وفاقي سطح تي نئين اهميت ڏني آهي۔ صدر ان ڳالهھ تي زور ڏنو ته ڪيٽي بندر پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اضافي سامونڊي گيٽ وي بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ پر ساڳئي وقت هن اهو به واضح ڪيو ته بندرگاه جي تعمير کي رڳو جيٽين، ٽرمينلن ۽ ڪنٽينر يارڊن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر روڊن، ريلوي، توانائي، صنعتي انفراسٽرڪچر ۽ لاجسٽڪس کي به هڪ ئي مربوط منصوبي جو حصو بڻايو وڃي۔ هن جي هدايت جو ٻيو پاسو ان کان به وڌيڪ اهم آهي جنھن ۾ صدر اھا به ھدايت ڪئي آھي ته ترقي جي منصوبابندي دوران سنڌو ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام، مقامي معيشت ۽ مهاڻن جي روزگار جي تحفظ کي بنيادي اهميت ڏني وڃي ان مان ظاھر ٿئي ٿونصدر جو ڪيٽي بندر کي ترقي ڏيڻ جو مطلب صرف هڪ بندرگاه تعمير ڪرڻ ناهي۔ ان جو مطلب هڪ اهڙي حساس علائقي ۾ معاشي سرگرميءَ جو نئون باب کولڻ آهي، جتي سمنڊ، درياء، ڊيلٽا، ماحوليات ۽ انساني آبادي هڪ ٻئي سان صدين کان ڳنڍيل آهن تيئن ھڪ سنگم تحت جڙيل رھن ۽ تيئن ترقيءَ جو تصور ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي حقن سان گڏ اڳتي وڌڻ کي ترجيح ڏني وڃي ڇوته ڪيٽي بندر نه رڳو پاڪستان لاءِ نئون واپاري رستو بڻجي سگهي ٿو، پر دنيا لاءِ پائيدار ساحلي ترقيءَ جو هڪ مثال پڻ بڻجي سگهي ٿو۔ ان ڪري مقامي ماڻھن جي بنيادي سھولتن جي معسير کي يقيني بنائڻ کي وڏي اھميت جي نگاه سان ڏٺو ۽ تسليم ڪيو ويو آھي، ساڳي وقت چيني وفد پاران پيش ڪيل تصوراتي ماسٽر پلان هن امڪان کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو۔ جن جي تجويز ۾ نئين ڊيپ سي پورٽ، ڪنٽينر ٽرمينل، لاجسٽڪس ۽ ٻين لاڳاپيل سهولتن تي ٻڌل وسيع انفراسٽرڪچر جو تصور پيش ڪيو ويو آهي۔ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 500 ميٽر ڊگهي ملٽي پرپز ٽرمينل جي تعمير شامل آهي، جنهن جي شروعاتي انجنيئرنگ لاڳت لڳ ڀڳ 522۔ 34 ملين آمريڪي ڊالر ٻڌائي وئي آهي۔
اهو انگ پاڻ ٻڌائي ٿو ته ڪيٽي بندر جو معاملو هاڻي رڳو سياسي اعلان يا بجيٽ تقرير تائين محدود ناهي رهيو، پر ان جي فني، مالي ۽ انجنيئرنگ ڍانچي تي به سنجيده غور شروع ٿي چڪو آهي۔ ڏٺو وڃي ته ڪيٽي جو مستقبل ايئن روشن آھي جيئن سنڌ جي سامونڊي تاريخ هزارين سالن تي پکڙيل ديبل، لاهري بندر ۽ شاه بندر جهڙيون قديم بندرگاهون سنڌ کي اوڀر ۽ اولھ جي واپاري دنيا سان ڳنڍينديون رهيون رھيون تيئن 712ع ۾ محمد بن قاسم جو ديبل ذريعي سنڌ ۾ اچڻ به سنڌ جي سامونڊي ججيڪڏهنافيءَ جي تاريخي اهميت کي اججيڪڏهن ڪري ٿو۔ ھاڻ يقين چئي سگھجي ٿو جو دنيا جا فلاسفر به ڪيٽي بندر جي به ايئن تعريف ڪندا جيئن ماضي ۾ عرب ۽ يورپي سياحن ۽ مؤرخن سنڌ جي قديم بندرگاهن، واپار ۽ سامونڊي سرگرمين جو تعريفي ذڪر ڪيو آهي۔ ان تاريخ مان هڪ ڳالھ بلڪل واضح ٿئي ٿي سنڌ لاءِ سمنڊ ڪڏهن به رڳو قدرتي سرحد نه رهيو آهي؛ اهو واپار، معاشي رابطن، تهذيبي ڏي وٺ ۽ عالمي دنيا سان ڳانڍاپي جو دروازو رهيو آهي۔
انهيءَ تاريخي پسمنظر ۾ ڪيٽي بندر جي حيثيت کي ڏسجي ته ان جي اهميت وڌيڪ نمايان ٿئي ٿي۔ سنڌو ڊيلٽا جي ويجهو واقع هي ساحلي علائقو سامونڊي واپار، لاجسٽڪس، توانائي ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ وڏي صلاحيت رکي ٿو۔ پر اها صلاحيت ان وقت ئي معاشي طاقت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جڏهن بندرگاه کي ريلوي، شاهراهن، صنعتي زونن، توانائي جي منصوبن ۽ عالمي مارڪيٽن سان مضبوط طريقي سان ڳنڍيو وڃي۔ ڪيٽي بندر بابت هي تصور نئون ضرور آهي، پر ان جا بنيادي خيال سنڌ جي سياسي ۽ ترقياتي بحث ۾ اڳ ئي موجود رهيا آهن۔ ھتي اھو به لکڻ ضروري ٿو سمجھان شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ هن علائقي جي سامونڊي ۽ معاشي اهميت کي محسوس ڪندي ڪيٽي بندر کي جديد بندرگاه صنعتي مرڪز ۽ بين الاقوامي واپاري گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ جو تصور کي اڳتي وڌائي منصوبي ڪجھ ڪم شروع ڪرايو هو۔ پر سياسي تبديلين، انتظامي رڪاوٽن ۽ مختلف سببن جي ڪري اهو خواب عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو۔ تنهن هوندي به ساحلي سنڌ جي عوام وٽ اهو مطالبو زنده رهيو ته ڪيٽي بندر کي ان جي حقيقي معاشي ۽ سامونڊي حيثيت ڏني وڃي۔
تيئن سنڌ حڪومت پاران مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ ڪيٽي بندر کي عالمي سامونڊي، صنعتي ۽ توانائي مرڪز طور ترقي ڏيڻ جو اعلان ان پراڻي تصور کي نئين معاشي حالتن سان ڳنڍڻ جي هڪ اهم ڪوشش طور سامهون آيو آهي۔ ان سلسلي ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري جي دلچسپي ۽ مسلسل ڪوششن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جن ذريعي هن منصوبي کي ٻيهر حڪومتي ترجيحن ۾ آڻڻ لاءِ آواز اٿاريو۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران ان تصور کي بجيٽ جي ترقياتي ترجيحن جو حصو بڻائڻ سان معاملو وڌيڪ واضح ٿيو۔ تيئن تازو صدر آصف علي زرداري جي چيني وفد سان ملاقات هن سفر کي وفاقي سطح جي اهميت به ڏئي ڇڏي آهي۔ ان مان اهو اشارو ملي ٿو ته ڪيٽي بندر کي هاڻي صرف سنڌ جي هڪ ساحلي منصوبي طور نه ، پر پاڪستان جي مجموعي سامونڊي، واپاري ۽ معاشي حڪمت عمليءَ جي هڪ اهم حصي طور ڏٺو پيو وڃي، ساڳي وقت ھن پراجيٽ جي اھميت اڃان وڌيڪ ٿئي ٿي جڏھن ان کي ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، ڪيٽي بندر، ٿر جي توانائي وسيلن ۽ جديد لاجسٽڪس نيٽ ورڪ کي هڪ ئي معاشي ڪوريڊور سان ڳنڍيو ويو ان سان سنڌ جي معاشي ججيڪڏهنافيءَ ۾ بنيادي تبديلي ايندي صنعت کي بندرگاه سان، بندرگاه کي شاهراهن ۽ ريلوي سان، توانائي کي صنعتي زونن سان ۽ انهن سڀني کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ سان هڪ اهڙو معاشي نظام وجود ۾ اچي سگهي ٿو، جيڪو روزگار، برآمدات، سيڙپڪاري ۽ صنعتي پيداوار جا نوان دروازا کولي سگهي ٿو۔
سنڌ جي سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر بابت صدر آصف علي رداري جو چيني وفد کي ڏنل ھدايتن کان پوءِ ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ماڻھن ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آھي اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته صدر ھن منصوبي سان وڏي دلچسپي رکي ٿو سندس ھدايون يقينن منصوبي کي ھاڻ هڪ مقامي ترقياتي منصوبي جي دائري مان ڪڍي پاڪستان جي وسيع معاشي، سامونڊي ۽ واپاري حڪمت عمليءَ جي مرڪز ۾ آڻي بيهاري دنيا سان ڳنڍي سگھنديون