ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڪريتي سينن تازو ئي ’رڪشا بندھن‘ جي هڪ اشتهار ۾ نظر آئي، جنهن ۾ هن ’آف وائيٽ‘ رنگ جو بريليٽ طرز وارو بلاؤز پهريو هو. ان سان گڏ اداڪارا ڪيپ ۽ ڊريپ ٿيل اسڪرٽ به پاتو هو.
بهرحال، سوشل ميڊيا واهپيدارن کي اداڪارا جو اهو بولڊ لباس خاص پسند نه آيو ۽ هنن تنقيد ڪندي عيد جي هن مهم لاءِ سندس لباس جي چونڊ تي سوال اٿاريا.
ان کانسواءِ اشتهار ۾ ڪتي جي موجودگيءَ کي به ڪيترن ئي واهپيدارن ناپسند ڪيو. اشتهار ۾ ڪريتي کي ڪتي جي ڀونڪڻ کان پوءِ ان کي روايتي ’راکي‘ ٻڌائيندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن تي پڻ سوشل ميڊيا واهپيدارن اعتراض ڪيو.