ڪراچي(ويب ڊيسڪ)رحمت اللعالمين، خاتم النبيين، نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت جو جشن سڄي ملڪ ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. جلوس ۽ ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته ان موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا.
جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن کي انتهائي خوبصورتي سان سينگاريو ويو، جڏهن ته مختلف هنڌن تي لنگر جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
ملتان، فيصل آباد، گوجرانوالا، رحيم يار خان، بهاولپور، سرگوڌا، لودهران، جهنگ، وهاڙي، شڪر ڳڙهه ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مناسبت سان ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ عاشقانِ رسول ﷺ شرڪت ڪري پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو.
سنڌ ۾ پڻ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ مذهبي جوش، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، خيرپور، ٺٽو، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، پڊعيدن ۽ ٽنڊو محمد خان سميت مختلف شهرن ۾ ريليون، محفلونِ ميلاد ۽ ٻيون مذهبي تقريبون منعقد ڪيون ويون.
بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڻ سماجي ۽ مذهبي تنظيمن پاران ريليون ۽ محفلونِ ميلاد منعقد ڪيون ويون.
مظفرآباد ۾ شهرين ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن لاءِ رت جا عطيا پڻ ڏنا.