ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان مداحن کي وڏو سرپرائز ڏيندي باظابطا طور انسٽاگرام جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سندس اڪائونٽ کي فالو ڪندڙن جو انگ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.
سيف علي خان پنهنجي نئين آفيشل اڪائونٽ تان پٽوڊي هائوس جي لائبريري جو منظر شيئر ڪيو آهي.
انسٽاگرام تي اچڻ کانپوءِ هن سڀ کان پهرين پنهنجي گهرواري ڪرينا ڪپور خان کي فالو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ ڪرينا به کيس فالو بيڪ ڪيو.
سيف علي خان هڪ پراڻي انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته سندس هڪ ڳجهو اڪائونٽ موجود هو، جنهن کي هو رڳو پوسٽون ڏسڻ لاءِ استعمال ڪندو هو.
هن چيو هو ته سوشل ميڊيا جي عادت پوڻ ۽ پروموشنز جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ هو عوامي طور تي انسٽاگرام تي اچڻ کان هٻڪندو رهيو.
سيف علي خان کي تازو پريه درشن جي فلم ”حيوان“ ۾ اڪشي ڪمار سان نظر آيو ويو، اها فلم 17 سالن کانپوءِ ٻنهي اداڪارن کي ٻيهر وڏي پردي تي گڏ کڻي آئي.
You might also like