ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ناليواري نوجوان راڳي جنسار علي سمون جي علالت بابت خبرن جو نوٽيس وٺندي سندس وارثن سان رابطو ڪيو.
صوبائي وزير جنسار علي سمون جي ڀاءُ سان فون تي رابطو ڪري سندس طبيعت بابت ڄاڻ ورتي.
صوبائي وزيران موقعي تي چيو ته هو جنسار علي سمون جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاگو آهي.
سيد ذوالفقار علي شاهه جي هدايت تي ڊائريڪٽر جنرل ثقافت اسپتال پهچي فنڪار جي عيادت ڪئي ۽ مالي مدد جو چيڪ پڻ سندس وارثن حوالي ڪيو.
صوبائي وزير چيو ته ثقافت کاتو جنسار علي سمون ۽ سندس خاندان سان گڏ آهي، جڏهن ته ڊي جي ثقافت فنڪار جي معاملي تي وارثن سان مڪمل رابطي ۾ آهي