نانا پاٽيڪر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ سندس موت جو ڪارڻ دل جي شريان ۾ رت ڄمي وڃڻ قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽن موجب، 75 ورهين جو اداڪار 8 آڪٽوبر تي پنهنجي رهائشگاهه تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، گوا ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي هڪ سينيئر ڊاڪٽر ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دل جي شريان ۾ رت جو لٿڙو ڦاسڻ سبب دل تائين رت جي فراهمي متاثر ٿي، جيڪا سندس موت جو سبب بڻي.
ڊاڪٽرن موجب، اداڪار جي سارسنڀال ڪندڙ شخص طبيعت خراب ٿيڻ تي ايمبولينس گهرايو، جنهن کانپوءِ ايمبولينس سندس رهائشگاهه پهتي.
نانا پاٽيڪر کي 45 منٽن تائين سي پي آر پڻ ڏنو ويو، پر سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿيون ۽ کيس صبح جو 5 لڳي 10 منٽن تي فوت قرار ڏنو ويو.
نانا پاٽيڪر جو پٽ ملهار والد جي مڙهه لاءِ گوا پهتو، ميت پهريان پوني منتقل ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڊونجي ڳوٺ ۾ قائم سندس فارم هائوس آندي وئي، جتي سرڪاري اعزازن سان آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

You might also like