لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن خيبر پختونخوا ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کي عدالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر بابر مرتضيٰ چيو ته غيرقانوني قدم خلاف اعليٰ عدالتن ۾ درخواست داخل ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته اڱاري ڏينهن ڪراچي بار ۾ وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ رستا بند ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪنٽينر هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان شهرين کي اچ وڃ ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين ۾ گهٽتائي ايندي.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ اسلام آباد جي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪنٽينر رکي رستا بند ڪيا ويا هئا.
طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته شهر ۾ ٻيهر ڪنٽينر لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي.
You might also like