ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گوگل طرفان جِي بورڊ جي هڪ اهم فيچر کي گوگل ٽرانسليٽ جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.
هي فيچر بنيادي طور هڪ سمارٽ اسسٽ ٽول آهي، جنهن جا اشارا گوگل ٽرانسليٽ ايپ جي ڪوڊ مان مليا آهن، اهو جي بورڊ جي”رمبلر“ ٽول سان ملندڙ جلندڙ آهي.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب، نئين ٽول جو نالو ”سمارٽ اسسٽ“ رکڻ جو امڪان آهي، جيڪو آواز کي لکڻيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لفظ به لفظ ترجمي کانسواءِ، هي نئون موڊ ڳالهايل لفظن جي ترجمي ۾ به مدد ڏيندو، جيئن جي بورڊ ۾ موجود رمبلر ٽول ڪم ڪندو آهي.
گوگل طرفان رمبلر ٽول خراب اُچار، غيرواضح آواز ۽ اهڙن ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته رمبلر ٽول هن وقت رڳو گوگل پڪسل 11 فونن واري سيريز ۾ موجود آهي، تنهنڪري اڃا واضح ناهي ته گوگل ٽرانسليٽ جو نئون فيچر سڀني استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب هوندو يا رڳو پڪسل فونز تائين محدود رهندو.
گوگل طرفان هن فيچر جو اڃا تائين باضابطا اعلان ناهي ڪيو ويو، تنهنڪري ان جي دستيابي ۽ ٻين تفصيلن لاءِ وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو.
ڳالهايو پنهنجي ٻوليءَ ۾، ترجمو ڪندو گوگل..! نئون ٽول، خراب اُچار ۽ غيرواضح آواز کي به سمجهڻ ۾ مددگار
Next Post