ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن کي هدايت ڪئي آهي ته اونهاري جي موڪلن جي فيس اوڳاري بابت نوٽيس مئي مهيني ۾ جاري ڪيو وڃي، جڏهن ته جون ۽ جولاءِ جي فيس لاءِ الڳ الڳ ادائيگيءَ جي مهلت ڏني وڃي.
جون ۽ جولاءِ جي فيس، ڪتابن ۽ يونيفارم جي خريداري خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سرڪاري وڪيل ۽ خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيا.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فيس وصول ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ٻه ٻه وائوچر ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته موڪلن دوران اسڪولن ۾ ڪا سرگرمي نه ٿيندي آهي، تنهنڪري موڪلن جي فيس وصول نه ڪرڻ گهرجي.
عدالت اسڪول انتظاميا کي هڪ ئي وقت گڏيل فيس وصول ڪرڻ کان روڪيندي هدايت ڪئي ته موڪلن جي فيس بابت نوٽيس مئي ۾ ڏنو وڃي.
عدالت موجب، جون جي موڪلن جي فيس لاءِ 30 جون ۽ جولاءِ جي فيس لاءِ 30 جولاءِ تائين ادائيگيءَ جي مهلت ڏني وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪتابن ۽ يونيفارم واري معاملي تي اسڪول ڊائريڪٽوريٽ ۽ درخواست جي ڌرين کي پاڻ ۾ ويهي مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.
عدالت چيو ته ايندڙ ٻن هفتن اندر ڪتابن ۽ يونيفارم بابت ڌرين جي گڏجاڻي ڪرائي وڃي.
عدالت خانگي اسڪولن جي ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٻين ڌرين کي هدايتون جاري ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
Prev Post
You might also like