وفاقي سرڪار سهيل آفريدي جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڏي وزير سهيل آفريدي کي امن امان خراب ٿيڻ جي خدشي سبب گرفتار ڪرڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي.
گهرو وزارت به سهيل آفريدي کي حراست ۾ وٺڻ جي تصديق ڪئي آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ سومر ڏينهن عالمي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته خيبر پختونخوا ڪابينا جي ٻين ميمبرن خلاف قانوني ڪارروائي بابت فيصلو گورنر جي نگرانيءَ ۾ قائم ايڊوائزري ڪائونسل ڪندي، جڏهن ته هن واضح نه ڪيو ته ٻين وزيرن کي به ساڳئي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو آهي يا نه.
قانوني ماهرن موجب، فوجداري ظابطن واري قلم ”ٿري ايم پي او“ تحت حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن به شخص کي حراست ۾ وٺي سگهن ٿا.
عطا تارڙ چيو ته 9 مئي وارن واقعن ۾ سهيل آفريدي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به ايڊوائزري ڪائونسل ڪندي.
هن الزام هنيو ته سهيل آفريدي جي سربراهيءَ ۾ صوبائي حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان اقتدار ۾ ڀائيواريءَ جي فارمولي تي عمل ڪري رهي هئي.
وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف عوام روڊن تي نه نڪتو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو ان قدم جي حمايت ڪن ٿا.
ان موقعي تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ايمرجنسي لاڳو ناهي ڪئي وئي، ماضي ۾ مختلف حالتن دوران اٺ ڀيرا اهڙو قدم کنيو ويو آهي.
سندس چوڻ موجب، گورنر راڄ ۾ ٻه، ٻه مهينا ڪري ٽي ڀيرا واڌ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته وڌيڪ واڌ جو طريقو به آئين ۾ موجود آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو ته حڪومت پنهنجي قدم جو دفاع ڪندي.
اعظم نذير تارڙ موجب، خيبر پختونخوا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ اربين رپيا فراهم ڪيا ويا، پر اها رقم اثرائتي نموني استعمال نه ڪئي وئي.
وفاقي وزير بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي.
هن الزام هنيو ته سهيل آفريدي دهشتگردن حملن ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازن ۾ به شرڪت نه ڪندو هو.

You might also like