لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سياسي جماعت عوام راج تحريڪ جي سربراهه ۽ اينڪر پرسن اقرار الحسن کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
اين سي سي آءِ اي اختيارين جڊيشل مئجسٽريٽ کي آگاهه ڪيو ته اقرار الحسن سندن تحويل ۾ ناهي.
ٻئي پاسي سندس وڪيل ميان علي اشفاق، اقرار الحسن جي بازيابي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني حراست خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته اقرار الحسن جي گهرواري فرح اقرار دعويٰ ڪئي هئي ته آچر ۽ سومر جي وچ واري رات اٽڪل ٽِين وڳي اڻڄاتل ماڻهو لاهور ۾ سندن گهر ۾ داخل گهڙيا ۽ سندس مڙس کي کنڀي ويا.
هن دعويٰ ڪئي ته انهن ماڻهن سان گڏ عورتون به هيون، جن جي ٻانهن تي اين سي سي آءِ اي لکيل هو.
فرح اقرار موجب، هوءَ اقرار الحسن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اين سي سي آءِ اي جي آفيس وئي، پر کيس چيو ويو ته لاڳاپيل عملو موجود ناهي ۽ صبح ڏهين وڳي اچڻ لاءِ چيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته لاهور جي ڊفينس ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس درخواست وصول نه ڪئي وئي.
اين سي سي آءِ اي اقرار الحسن کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، وڪيل جو عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو
You might also like