ترقياتي منصوبن جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي، پر سيڪيورٽي تي سمجهوتو نه ٿيندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ پشاور ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شدت پسندي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ترقياتي منصوبن جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي، پر سيڪيورٽي تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
هن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پوليس ۽ دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) جون جائز ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي ادارا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڳين صف ۾ آهن.
گورنر چيو ته ماضي ۾ مختلف ادارن وچ ۾ گهربل هم آهنگي نه هئي، پر هاڻي سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن خبردار ڪيو ته بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي جاءِ تي ٻيا آفيسر مقرر ڪري سگهجن ٿا.
فيصل ڪريم ڪنڊي موجب، وفاقي حڪومت موجودا ٽيم تي اعتماد ڪيو آهي، تنهنڪري ان کي ڪارڪردگي سان نتيجا ڏيکارڻا پوندا. هن چيو ته گذريل 13 سالن ۾ جيڪي ڪم نه ٿي سگهيا، اهي ايندڙ ٽن مهينن ۾ ڪري ڏيکارڻا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت نمائشي قدمن بدران عملي نتيجا چاهي ٿي ۽ امن امان ۾ بهتري عوام کي نظر اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته امن قائم ٿيڻ سان صوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي.

You might also like