اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس زيادتي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي اسلام آباد علي وسيم اينٽي ريپ ايڪٽ تحت ستن ڪيسن جي فريادي ڌر ۽ شاهدن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب، اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي زيادتي جهڙي سنگين ڏوهه جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائين ٿا يا پوءِ وڏي رقم عيوض جوابدارن جي حق ۾ بيان ڏئي ڪيس ختم ڪرائڻ جو سبب بڻجن ٿا.
ڊي آءِ جي علي وسيم چيو ته ذاتي مفادن لاءِ ڪوڙا الزام هڻي قانون جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ان قدم جو مقصد قانون جي غلط استعمال کي ٻنجو ڏيڻ ۽ انصاف جي فراهمي واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي.
لڄالٽ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي الزام هيٺ 7 ڪيسن جي فريادين ۽ شاهدن خلاف ڪارروائي جو حڪم
You might also like