گورنر راڄ کانپوءِ خيبر پختونخوا جي پوليس ۽ بيوروڪريسي ۾ وڏي ڦيرڦار، 18 پوليس آفيسر بدلي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي پوليس ۽ بيوروڪريسي ۾ وڏي پئماني تي بدليون ڪيون ويون آهن.
هڪ درجن کان وڌيڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پوليس جي 18 آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، چار پوليس آفيسرن کي اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هزارا، ملاڪنڊ ۽ ڪوهاٽ ريجن جي پوليس سربراهن کي تبديل ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ ڊاڪٽر فصيح الدين ۽ ڊي آءِ جي ليگل همايون مسعود سنڌو کي عهدن تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ڪوهاٽ جي آر پي او عرفان طارق کي به اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته سندس جاءِ تي شاڪر حسين دائود کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ملاڪنڊ ريجن جي آر پي او سيد فدا حسن شاهه کي ڊي آءِ جي آپريشنز مقرر ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ مانسهرا، سوات، ڪرڪ، چترال ۽ هريپور جي ضلعي پوليس آفيسرن جون به بدليون ڪيون ويون آهن.
ٻئي پاسي پشاور، مردان، صوابي، لوئر چترال، اپر دير، شانگلا، ملاڪنڊ، سوات، اپر سوات، بٽگرام، مانسهرا، ايبٽ آباد، هريپور، چارسده، بنون، لڪي مروت ۽ ڪرڪ سميت ڪيترن ئي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي تبديل ڪري هيومن ريسورس مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سندن جاءِ تي نوان ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا آهن.

You might also like