تعليمي ڪارڪردگي جي رپورٽ ۽ سنڌ

تحرير: منظور کوسو

وفاقي وزارت منصوبه بندي ملڪ جي134 ضلعن جي تعليمي ڪارڪردگي تي مشتمل هڪ رپورٽ (2023)پڌري ڪئي آهي.هن رپورٽ ۾ 56 ضلعا وچولي درجي جي ڪيٽيگري ۾ شامل آهن انهن ۾ 32 ضلعا پنجاب جا،16 ضلعا خيبرپختونخواه جا ۽ فقط 8 ضلعا سنڌ جا شامل ڪيا ويا آهن. وچولي درجي جي ڪارڪردگي ۾ ڪراچي ايسٽ چوڏهين نمبر تي،ڪراچي سينٽرل پندرهين نمبر تي،ڪورنگي ويهين نمبر تي،ڪياماڙي چاليهين نمبر تي ۽ ملير ٻاونجاهين نمبر تي آهي.77 ضلعا انتهائي گهٽ تعليمي ڪارڪردگي واري فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ گهڻائي سنڌ ۽ بلوچستان جي آهي.

هي رپورٽ اسڪولن ۾ دستياب سهولتن،نصاب،شاگردن جي نتيجن،اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي تعداد ۽ ٻين لاڳاپيل سهولتن کي سامهون رکي ترتيب ڏني وئي آهي جنهن ۾ سنڌ جا 22 ضلعا شامل آهن. رپورٽ ۾ تعليمي لحاظ کان پنجاب جي ڪجھه ضلعن کي پهرين نمبر تي،خيبرپختونخواه جا ضلعا ٻئين نمبر تي، سنڌ ٽئين نمبر تي ۽ بلوچستان جا ضلعا تعليمي ڪارڪردگي جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي ڏيکاريا ويا آهن. رپورٽ ۾ اسلام آباد کي تعليمي ڪارڪردگي جي لحاظ کان پهرين، جهلم کي ٻئين ۽ چڪوال کي ٽئين نمبر تي ڏيکاريو ويو آهي.

رپورٽ ۾ تعليمي معيار ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي راه ۾ رڪاوٽن جو ذڪر ڪندي بجٽ جي ڪمي، مليل بجٽ جو صحيح استعمال نه ڪرڻ ۽ انساني وسيلن جي کوٽ ٻڌايو ويو آهي. وزارت منصوبابندي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پرفارمنس انڊيڪس 2023 ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 2ڪروڙ 56 لک ڏهه هزار ٻارڙا جن جي عمر اسڪول ۾ پڙهڻ جي آهي سي اسڪولن کان ٻاهر آهن جن ۾ وڏو تعداد پنجاب جو آهي يعني هڪ ڪروڙ 17 لک 30 هزار ٻار،سنڌ ۾ 76 لک،خيبرپختونخواه ۾ 36 لک بلوچستان ۾ 31 لک ۽ اسلام آباد جا 80 هزار ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. تعليمي ايمرجنسي جي باوجود هي انگ اکر نهايت ڳڻتي جوڳا آهن. اقوام متحده جي چلڊرين ايمرجنسي فنڊ موجب اسڪول نه وڃڻ وارن ٻارن ۾ عالمي فهرست ۾ پاڪستان سڀ کان نمايان آهي. انهن ٻارن جا اسڪول کان ٻاهر رهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ انهن کي اسڪولن ۾ ڪيئن آندو وڃي جيڪڏهن وزارت ان مسئلي تي به رپورٽ ۾ ڪي وضاحتون ۽ حل ٻڌائي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي پر جيستائين مون سمجهيو آهي ته رپورٽ ۾ فقط ڪوتاهين کي Indicate ڪيو ويو آهي. انهن جي حل طرف ڪيئن اچجي ان اهم ڳالھه جي لاءِ شايد وري ڪا ٻي ڪميشن جڙندي. پر وطن عزيز ۾ اڄ ڏينهن تائين جيڪا به ڪميشن جڙي آهي ڪنهن جا به ڪي بارآور نتيجا قوم ڪونه ڏٺا هوندا. جيڪڏهن ڳالهھ مختصر ڪجي ته هي رپورٽ اسان کي ٻڌائي ٿي ته”پاڪستان جو مجموعي معيار تعليم گهٽ درجي جو آهي.

ملڪ ۾ ڪنهن به صوبي جو تعليمي معيار اعلي درجي جو ڪين آهي.”جيڪڏهن رپورٽ ۾ ڏنل انگن اکرن تي اعتماد ڪري وٺجي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته تعليم تي خرچ ٿيندڙ هزارين ارب روپيا ڪيڏانهن پيا وڃن؟بين الاقوامي معيار موجب هر ملڪ کي پنهنجي مجموعي قومي آمدني جو گهٽ ۾ گهٽ چار في سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر پاڪستان هلندڙ مالي سال دوران تعليم لاءِ پنهنجي جي ڊي پي جو 91.في سيڪڙو رقم بجٽ ۾ رکيو آهي جيڪا رقم اٽڪل 2هزار32 ارب روپيا ٿئي ٿي جڏهن ته مقرر ڪيل عالمي معيار موجب چار هزار 242 ارب روپيا تعليم لاءِ رکڻ کپندا هيا. بهرحال هڪ تجسس ڀري ڇرڪائيندڙ رپورٽ آهي،اترسنڌ ۾ آئي بي اي يونيورسٽي سکر سيڪنڊري کان وٺي جديد يونيورسٽي تعليم تائين هڪ خاص مقام رکي ٿي حيرت ۾ پئجي ويس جڏهن index ۾ ڏٺم ته سکر over all index ۾ 100 کان 52.67 نمبر حاصل ڪيا آهن يعني سکر تعليمي لحاظ کان low category ۾ شامل آهي. پنهنجي اباڻي ضلعي شڪارپور تي نظر ڪيم ته هي به low category ۾ شامل آهي يعني 100 مان 46.30 نمبر حاصل ڪري ماضي جي هڪ شاندار علمي تاريخ رکڻ وارو شهر صوبي ۾ 26هين ۽ملڪي سطح تي 106 نمبر تي بيٺو آهي.

جيتوڻيڪ تعليم کاتي جي وزير هن رپورٽ جي ڪن نقطن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي پر هن ڳالهھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سياسي مداخلت ۽ سياسي ونڊ ورڇ جيتري قدر مان پنهنجي ضلعي ۾ ڏسان ٿوته تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.