افغان حڪومت اڃا به اعتدال لاءِ تيار ناهي

تحرير: زاهد حسين

جيتوڻيڪ فائر بنديءَ واري معاهدي سان شايد پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪجهه حد تائين گهٽجي وئي آهي ۽ سرحدون وري کلي ويون آهن، پر حالتون اڃا تائين تمام غير مستحڪم آهن۔ افغان طالبان جا اڳواڻ لڳاتار زور ڏئي رهيا آهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جيڪا سرحد ڊيورنڊ لائين جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، اها ”خيالي“ آهي، ۽ هو ان جي قانوني حيثيت تي سوال اٿارين ٿا۔ پاڪستان سان دوحه ۾ ٿيل فائر بنديءَ واري معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ ئي افغان طالبان جي دفاع واري وزير هڪ آن⁠لائن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته معاهدي جي ڪنهن به حصي ۾ انهيءَ ”خيالي“ سرحد تي ڳالهه ئي نه ٿي۔ ٿي سگهي ٿو ڳالهه نه ٿي هجي، پر افغان وزير جو انداز پاڻ ۾ ئي اشتعال انگيز قرار ڏنو پيو وڃي۔

اهو سچ آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪنهن به افغان حڪومت ڊيورنڊ لائين کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني سرحد طور تسليم نه ڪيو آهي، پر هاڻوڪي طالبان حڪومت هن معاملي کي وڌيڪ جارحاڻو رنگ ڏنو آهي۔ گذريل ڪجهه مهينن دوران جڏهن پاڪستان سان ڇڪتاڻ وڌي، تڏهن انهن جي سرحد بابت مؤقف ۾ به واضح شدت آئي۔ افغانستان جي قدامت پسند اسلامي حڪومت، جنهن کي روس کان سواءِ اڃا ڪنهن به ملڪ سڃاتو ناهي، لڳي ٿو ته افغان قوم پرستيءَ کي پنهنجي بنيادي مقصد طور اختيار ڪيو آهي، جيئن هو افغانستان مان سرحد پار سرگرم عسڪري گروهن جي حمايت بابت ٿيندڙ عالمي تنقيد کان ڌيان هٽائي سگهن۔ دوحه واري اجلاس کان پوءِ ملا يعقوب جو بيان به انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ڪابل اڃا تائين اعتدال اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ اهو به عجيب اتفاق آهي ته دنيا ۾ گهڻو ڪري اهو تاثر موجود آهي ته افغان طالبان، پاڪستان جي ”پراڪسي“ هئا۔ هي تاثر تڏهن وڌيڪ مضبوط ٿيو جڏهن اها حقيقت سامهون آئي ته افغان طالبان جي موجوده قيادت آمريڪي قبضي خلاف پنهنجي مزاحمتي مهم جو وڏو حصو پاڪستان مان هلائي رهي هئي۔ پر جنهن ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو، اها هيءَ هئي ته اهو لاڳاپو رڳو وقتي مفاد تي ٻڌل هو۔ ان دوران افغان طالبان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڪڏهن به مڪمل طور هموار نه رهيا، پر ايتري شدت واري دشمنيءَ جي ڪنهن کي به اميد نه هئي۔

جڏهن ته ملا عمر جي پهرين طالبان حڪومت، جيڪا گهڻو ڪري پاڪستان جي حمايت تي ڀاڙيندي هئي، تڏهن به ڊيورنڊ لائين کي قانوني سرحد طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر هن مسئلي کي وڏو تنازع نه بڻايو هو۔ تنهن هوندي به، ان وقت به ڪجهه طالبان اڳواڻ ان لائين کي ”مصنوعي ورهاست“ قرار ڏيندا هئا، جيڪا سندن نظر ۾ ختم ٿيڻ گهرجي۔1893ع ۾ برطانيه ۽ افغان بادشاهه عبدالرحمان خان جي وچ ۾ ٺهيل 2300 ڪلوميٽر ڊگهي ڊيورنڊ لائين، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي افغانستان کان ڌار ڪري ٿي۔ اها برطانوي راج جي دور ۾ هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحد طور ٺاهي وئي هئي۔

جڏهن پاڪستان آزادي حاصل ڪئي، تڏهن هي معاهدو ان کي ورثي ۾ مليو، جنهن ملڪ جي اولهندي حدن جي وضاحت ڪئي۔ بين الاقوامي قانون جي تحت اها هڪ جائز سرحد آهي، پر افغانستان هن ورهاست کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو۔ ڊيورنڊ لائين ئي اهو بنيادي تڪرار هو جنهن سبب افغانستان پاڪستان کي آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ ۾ دير ڪئي۔ وقت سان گڏ مختلف افغان حڪومتن عملي طور تي هن لائين کي هڪ حقيقي سرحد طور مڃيو، پر ان جي باوجود اهو معاملو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ، سرحدي جهيڙن ۽ ناڪابندين جو سبب بڻجندو رهيو۔ البت گذريل هفتي جيڪي سخت جهيڙا ٿيا، جن ۾ رپورٽن مطابق پاڪستاني فضائيه جي جهازن ڪابل ۽ ٻين افغان شهرن تي بمباري ڪئي، اهڙي صورتحال جي ماضيءَ ۾ ڪا مثال نه ٿي ملي۔

پاڪستان جو چوڻ آهي ته سندس ڪارروايون سرحد پار کان ٿيندڙ هٿياربند اشتعال انگيزين جو جواب هيون، جيڪي بين الاقوامي قانون مطابق هيون۔ پر جڏهن کان طالبان حڪومت ٻيهر ڪابل ۾ واپس آئي آهي (چار سال کان وڌيڪ عرصي کان)، تڏهن خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي آهي۔ هي سال گذريل ڏهاڪي جو سڀ کان وڌيڪ خوني سال ثابت ٿيو آهي، جنهن ۾ سئوين پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن۔ رپورٽ ڪيل فضائي حملا طالبان حڪومت لاءِ اهو پيغام هئا ته عسڪري گروهن جي سرپرستيءَ جي قيمت کين ادا ڪرڻي پوندي۔

طالبان حڪومت جي ظاهر ڪيل فائر بنديءَ باوجود، اڃا تائين ان جو ڪو به اشارو ناهي ته هو ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي⁠ٽي⁠پي) خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهن يا نه، ڇاڪاڻ⁠ته هو انهن کي پنهنجا ”جهادي ڀائر“ سمجهن ٿا۔ ڪابل حڪومت سان ڳالهين ۾ شامل ڪجهه پاڪستاني عملدارن موجب، هڪ ٻيو وڏو مسئلو اهو آهي ته طالبان حڪومت وٽ اها صلاحيت ئي آهي يا نه ته هو انهن مضبوط ۽ هٿياربند گروهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن، جن جا مقامي افغان طالبان ڪمانڊرن سان گهرا لاڳاپا آهن۔

ساڳي وقت اهو خدشو به موجود آهي ته ٽي⁠ٽي⁠پي جا جنگجو ”داعش“ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪا افغانستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين سرگرم آهي۔ سڀ کان پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سرحدي علائقن ۾ ٻيا به عسڪري گروهه ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن۔ هي صورتحال نه صرف خطي جي ٻين ملڪن لاءِ پر پاڻ افغانستان جي سلامتي لاءِ به وڏو خطرو آهي۔ اهڙي ۾ جڏهن طالبان سرحد جي قانوني حيثيت تي اشتعال انگيز مؤقف اختيار ڪن ٿا، تڏهن اها ڳالهه انتهائي خطري واري لڳي ٿي۔

ممڪن آهي ته طالبان جو مقصد ڊيورنڊ لائين جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاري، پشتون علائقن ۾ قومپرستيءَ جي جذبي هيٺ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ هجي، ڇو⁠ته ملڪ اڃا تائين سنگين سماجي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ افغانستان تي عورتن جي تعليم ۽ روزگار تي پابندين سبب بين الاقوامي پابنديون برقرار آهن، ۽ عالمي برادريءَ کان الڳ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ سخت تڪليف ۾ آهي۔ٻئي طرف، پاڪستان پاران کنيل ڪجهه سخت قدمن، جهڙوڪ لکين افغان پناهگيرن جي ملڪ بدري، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي آهي۔ اهو عمل نه رڳو غير دانشمنداڻي هو پر انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي، جنهن عوامي غصو وڌيڪ ڀڙڪايو آهي۔

اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگرد حملن تي پاڪستان جو صبر ڇو جواب ڏئي رهيو آهي، پر اسلام آباد کي احتياط سان اڳتي وڌڻ گهرجي۔ اهڙي صورتحال ۾، فائر بنديءَ تي راضي ٿيڻ ۽ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ يقيناً هڪ ذهين فيصلو هو۔ هن تڪرار ٻنهي پاسي لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي۔ دوحه جي معاهدي کان پوءِ جنگ بنديءَ سان گڏ اميد آهي ته استنبول ۾ ٿيندڙ ايندڙ ڳالهين جو دور خطي ۾ امن جي رستي ۾ موجود رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔ خطي جي ملڪن جو ٻن پاڙيسرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ هڪ مثبت قدم آهي.  ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ اهو ئي آهي ته هو پنهنجا اختلاف ڳالهين وسيلي حل ڪن۔

اهو خدشو به موجود آهي ته ٽي⁠ٽي⁠پي جا جنگجو ”داعش“ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪا افغانستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين سرگرم آهي۔ سڀ کان پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سرحدي علائقن ۾ ٻيا به عسڪري گروهه ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن۔ هي صورتحال نه صرف خطي جي ٻين ملڪن لاءِ پر پاڻ افغانستان جي سلامتي لاءِ به وڏو خطرو آهي۔ اهڙي ۾ جڏهن طالبان سرحد جي قانوني حيثيت تي اشتعال انگيز مؤقف اختيار ڪن ٿا، تڏهن اها ڳالهه انتهائي خطري واري لڳي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.