هي جديد دور، سائنسي ترقي، سوشل ميڊيا جي تيزي ۽ عالمي رابطن جو زمانو آهي. پر ساڳئي وقت نفاق، نفرت، فرقيواريت، طاقت حال ڪرڻ جي ڇڪتاڻ، سڃاڻپ جي سياست ۽ ذهني بيچيني به وڌي رهي آهي. ماڻهو هڪٻئي کان ويجهو هوندي به دلين کان پري ٿي ويا آهن. اهڙي ماحول ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن، عالمن , درويش ۽ شاعرن جي فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، سچل سرمست جي شاعري ۽ سرمستي ۽ سامي جي شاعري نمايان آهي،
سچل سرمست جي شاعري ۾ بغاوت آهي، جُرت ۽ سچائي آهي، انسانيت سان پيار، محبت، امن ۽ رواداري آهي، سندس شاعري ۾ هي اعلان، ڪيڏو نه انسانيت لاءِ اهم آهي ۽ اڄ جي سماج لاءِ روشنيءَ جو مينار بڻجي سامهون اچي ٿو ته ..
هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻيءَ ڀُل،
ٿِجُ گلابي گُل، مَر مارينئي منصورَ جان!
سچل، انسان کي مذهب، نسل ۽ ذات کان مٿانهون ڏسي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ بيباڪي آهي. هو سچ ڳالهائڻ کان نٿو ڊڄي. اڄ جڏهن سچ چوڻ تي به ماڻهو سوچي ٿو، ان لمحي، سچل جو ڪلام نوجوانن لاءِ حوصلو آهي ته هو پنهنجي ضمير جي آواز کي دٻائڻ بدران ان کي طاقت بڻائين. جيئن سچل هتي فرمائي ٿو ته..
ماٺ ڪريان ته مُشرڪ، ڪُڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائي ور، سمجهي ڪو سچو چوي.
يا اڃان به اڳتي وڌي سچل چوي ٿو ته..
حدين چلي هرڪو، بيحد وڃي پير،
سَچُو سو فقير، جو حد، لاحد لنگهي وڃي!
سچل جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته حقيقي آزادي ٻاهرين نه، پر اندروني غلاميءَ کان نجات ۾ آهي. مادي ترقيءَ باوجود جديد انسان اندروني خالي پن جو شڪار آهي. مقابلي، حسد ۽ خود غرضيءَ جي ڊوڙ ۾ روحاني سڪون وڃائجي رهيو آهي. سچل جو وحدت الوجود وارو پيغام ٻڌائي ٿو ته خدا کي ٻاهر نه، پنهنجي اندر تلاش ڪيو. جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻيندو، تڏهن ئي سماج ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي.
سچل جو هڪ ٻيو اهم پاسو سندس گهڻ لساني حيثيت آهي. هن ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪري ٻڌايو ته ثقافتن جو ٽڪراءُ نه، پر ميل ميلاپ ئي اصل طاقت آهي. اڄ جي گلوبل دنيا ۾، جتي سڃاڻپ، طاقت ۽ مفاد حاصل ڪرڻ جي جنگ جاري آهي، اُتي سچل جو پيغام ثقافتي رواداريءَ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سچل کي رڳو عرس ۽ رسمن تائين محدود نه رکجي، پر سندس فڪر کي نصاب، ميڊيا ۽ روزمره جي گفتگوءَ ۾ جاءِ ڏني وڃي. جيڪڏهن اسان سچل جي شاعريءَ مان انسان دوستي، سچائي ۽ رواداريءَ جو سبق وٺون، ته شايد اسان جو سماج وڌيڪ پرامن ۽ متوازن بڻجي سگهي.
اُٿي ڪمر ٻنڌ،لوچ ته لهين سُپرين،
هوتانين جو پنڌ، ڏسين اکڙين سين!
سچل سرمست جو پيغام، خاص آهي جيڪو اوچ ۽ نيچ کان مٿانهون آهي، سچل جو پيغام چوي ٿو ته نفرت ڇڏيو، محبت اختيار ڪريون، تعصب ڇڏيون ، انسانيت اختيار ڪريون، خوف ڇڏيون، سچائي اختيار ڪريون، ٻئي جو ٻانهو يا غلام نه ٿيو، جيئن سچل جو شعر آهي ته ..
جي مڃن ٿا آدمي، سي مڃان مان،
سچو آهيان آن، جو ٻانهو ٻئي جو نه ٿيا!
سنڌ جي صوفي روايتن ۾ سچل سرمست کي خاص اوليت ۽ مقبوليت حاصل آهي، سچل هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو، ڇو ته هن سنڌي، هنڌي، سرائڪي، فارسي، اردو، پنجابي ۽ عربيءَ ۾ شاعري ڪئي. سندس هيءَ گهڻ لساني حيثيت رڳو ادبي ڪمال نه، پر فڪري عالميت جي علامت آهي. اڄ جڏهن دنيا طاقت ،مفاد ۽ سڃاڻپ جي بنيادن تي ورهايل آهي، سچل جو پيغام ٻولين جي سرحدن کان مٿانهون ٿي انسانيت ڏانهن سڏي ٿو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو ته..
جنهن دل پيتا عشق دا دام،
سا دل مستو مست مدام!
سچل سرمست جي هفت زبان شاعري ٻڌائي ٿي ته سندس فڪر ڪنهن هڪ قوم يا ٻوليءَ تائين محدود نه هو. سندس پيغام عالمي هو محبت، سچائي، رواداري ۽ روحاني آزاديءَ جو پيغام، هن جديد دور ۾ جڏهن دنيا ٻولين، مذهبن ۽ ثقافتن جي نالي تي ورهايل آهي، اُتي سچل جو ڪلام اسان کي ٻڌائي ٿو ته اصل سڃاڻپ انسانيت آهي.
تنهن ڪري اسان کي سچل جي هن عالمي پيغام کي پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ گهرجي.
سچل سرمست، سنڌ ۾ موجود مختلف قومن جي ٻوليءَ ۾ سنڌ جو خاص پيغام سندن ئي ٻوليءَ ۾ پهچائڻ يا سمجهائن جي ڪوشش ڪئي ۽ صوفياڻو مزاج، عشق، انسانيت ۽ رواداريءَ جو درس ڏنو.
سچل سرمست کي هفت زبان شاعر جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو،
سچل سرمست ادب سان گڏ سماجيات ۽ سنڌ جي فڪر ۽ پيغام کي به اهميت ڏني، هن وٽ ٻولي رڳو لفظن جو ميڙ نه، پر دلين تائين پهچڻ جو ذريعو به هُئي. جيڪڏهن ڪنهن قوم سان سندس ئي لهجي ۾ ڳالهائجي ته اصل پيغام آساني سان دماغ ۽ دل تائين پهچائي سگهجي ٿو.
سچل سرمست جي هفت زبان جا ڪجهه شعر هتي پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو،
مذهب مور نه ٿو مڃيان،
آءُ مشرب منجهه مدام،
عشق لڳئي تان ڪر آمين،
نا منجهه ڪفر، نا منجهه دين!
هن جديد دنيا ۾ جڏهن مذهب جي نالي تي تڪرار وڌي رهيا آهن، اُتي هي شعر ٻڌائي ٿو ته اصل رشتو انسانيت جو آهي ۽ هر انسان هڪجهڙو حق رکي ٿو.
سچل سرمست وري سرائڪي زبان ۾ چوي ٿو ته..
عشق دي بازي جتھاں، اوتھاں سر وی وارنا پوندا
هتي، سچل، عشق کي قرباني ۽ سپردگيءَ سان جوڙي ٿو. عشق رڳو جذبو نه، پر عمل آهي. سماجي تبديلي ۽ فڪري آزادي به تڏهن ايندي، جڏهن ماڻهو ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سچ جي راهہ اختيار ڪندا.
سچل سرمست فارسي شاعري ۾ چوي ٿو ته..
من تو شدم، تو من شدي
من تن شدم، تو جان شدي
هي شعر وحدت الوجود جو فلسفو بيان ڪري ٿو. عاشق ۽ معشوق، انسان ۽ خدا، سڀ هڪ ٿي وڃن ٿا. اڄ جي بيچين ۽ مادي دور ۾ هي شعر احساس ڏياري ٿو ته حقيقي سڪون ٻاهرين دنيا ۾ نه، پر اندروني سچائي ۾ آهي.
سچل سرمست اردو زبان ۾ چوي ٿو ته ..
عشق نے ہم کو بے خود کیا، ہم نہ رہے کچھ اور
هن شعر ۾ انا جي نفي ذريعي روحاني آزاديءَ جو درس آهي. جديد دور ۾ جڏهن انا، مقابلي ۽ خود غرضيءَ جي ڊوڙ وڌي وئي آهي، سچل جو پيغام ٻڌائي ٿو ته حقيقي عظمت پاڻ کي مٽائڻ ۾ آهي.
پنجابي زبان ۾ چوي ٿو ته
ساہ وچ وسدا یار میرا، میں کیتا نہ کوی فاصلہ
سندس هي پنجابي شعر ٻڌائي ٿو ته محبوب (خدا) انسان جي اندر آهي. روحاني سڪون ڪنهن پري دنيا ۾ نه، پر انسان جي اندروني دل ۾ آهي. هي پيغام اڄ جي نوجوان لاءِ به اثرائتو آهي، جيڪي بيروني ڪاميابين ۾ پاڻ کي ڳولين ٿا.
سچل عربي ۾ هيئن چوي ٿو..
أنا الحقّ، في قلبي تجلّى النور
عربي ۾ سچل خدا جي تجلي جو اظهار ڪري ٿو. انا الحق جو مطلب پاڻ کي خدا سمجهڻ نه، پر خدا جي نور سان پنهنجي وجود جي وابستگيءَ جو احساس آهي. اڄ جي دور ۾ هي بيت اندروني روشنيءَ ۽ فڪري آزاديءَ جي اهميت واضع ڪري ٿو،
سچل ٻڌائي ٿو ته ٻولي ورهاست جو سبب نه، پر محبت ۽ رابطي جو ذريعو آهي. سنڌيءَ ۾ هن انسانيت کي مرڪز ۾ رکيو، فارسيءَ ۾ حڪمران طبقي تائين اهو ئي پيغام پهچايو، عربي ۽ اردو ۾ عالمي ۽ روحاني رشتن کي جوڙي، پنجابي ۽ سرائڪي ۾ مقامي دلين تائين محسوس ڪرايو.
سنڌ جي تاريخ پڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي ڌرتي هر نئين لهجي ۽ ثقافت کي پنهنجي محبت سان قبول ڪندي رهي. سچل سرمست ان ملاپ کي تڪرار بدران هم آهنگيءَ ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٻڌايو ته ڌرتيءَ جي عظمت ان ۾ آهي ته اها اختلاف کي قبول ڪري، پر محبت کي مرڪز بڻائي.