ايران خلاف جنگ آمريڪا هارائي ويندو:چيني تجزئي نگار

بيجنگ (عوامي آواز نيوز)چين جي مشهور جيو پوليٽيڪل تجزيه ڪار جيانگ شوچين جي ٽين اڳڪٿي ٻيهر ميڊيا ۾  نمايان ٿي رهي آهي، جيڪا ايران خلاف آمريڪي جنگ جي نتيجي بابت آهي۔پروفيسر جيانگ شوچين 2024ع ۾ ٽي وڏيون اڳڪٿيون ڪيون هيون۔ پهرين اها ته ٽرمپ ٻيهر صدارتي چونڊ کٽي آمريڪا جو صدر بڻجندو۔ ٻي اها ته ٽرمپ ايران سان جنگ شروع ڪندو۔ هاڻي هو پنهنجي ٽين اڳڪٿي تي به قائم آهي۔پروفيسر جيانگ جو چوڻ هو ته ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا کي شڪست ٿيندي ۽ ايران ڪامياب ٿيندو۔ سندس خيال موجب اهڙي نتيجي سان آمريڪي عالمي بالادستي کي سخت ڌڪ لڳندو، جنهن کان پوءِ چين ۽ روس مضبوط طاقتن طور وڌيڪ اڀرندا،هن چيو ته منهنجي جنگي تجزيي موجب، منهنجي خيال ۾ ايران وٽ آمريڪا جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدا آهن۔ حقيقت اها آهي ته هي وقت اهڙي جنگ هلي رهي آهي جيڪا ٿڪاوٽ ۽ نقصان جي ڏي وٺ تي ٻڌل آهي، ۽ ايراني گذريل 20 سالن کان هن جنگ لاءِ تياري ڪري رهيا  هئا،پروفيسر جيانگ وڌيڪ چيو ته ايرانين جي مذهب ۾ اها ‘عظيم شيطان’ خلاف جنگ آهي۔ هنن ڪيتريون ئي  فوجي مشقون ڪيون آهن۔ گذريل جون ۾ 12 ڏينهن واري جنگ ٿي هئي، جنهن دوران ايرانين اسرائيل ۽ آمريڪي حملي جي صلاحيتن جو تجزيو ڪيو، ۽ هاڻي هنن وٽ نئين حملي لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ واسطي اٺ مهينا به هئا۔”جيانگ موجب ايران جا پراڪسي گروپ، جهڙوڪ حوثي تحريڪ، حزب الله، حماس ۽ ٻيون مليشيا، آمريڪي ذهنيت کي چڱي طرح سمجهي چڪيون آهن ۽ هاڻي وٽن اهڙي مضبوط حڪمتِ عملي موجود آهي جنهن سان آمريڪي طاقت کي ڪمزور ڪري آخرڪار ختم ڪري سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.