وچ اوڀر تڪرار بابت اجلاس، فضل الرحمان پاران پارليامينٽ اجلاس گهرائڻ جي تجويز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس  ٿيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان تڪرار جي شدت کي گهٽائڻ  لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته فضل الرحمان پارليامينٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پارلياماني اڳواڻن کي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان-افغانستان جي صورتحال، ايران، وچ اوڀر ۽ نار ۾ تڪرار تي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي ان ڪئميرا بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته شرڪت ڪندڙن خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي، شرڪت ڪندڙن سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تجويزون پيش ڪيون.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ-ايس، متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جا ميمبر بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته، مخالف ڌر تحريڪ انصاف جو ڪو به ميمبر ان ڪئميرا بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف ڪالهه فيصلو ڪيو هو ته هو عمران خان سان ملڻ تائين ڪنهن به حڪومتي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي. اجلاس ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ذريعن موجب هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي پارليامينٽ ۾ بريفنگ ڏيڻ جي تجويز آهي، ان موقعي تي چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي يو آءِ (ف) جي سربراهه جي تجويز جي حمايت ڪئي. ذريعن وڌيڪ چيو ته اجلاس جي شرڪت ڪندڙن موجب، ماضي ۾ به پيش ايندڙ واقعن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.وزيراعظم ان ڪيمرا اجلاس بابت اتحادين ۽ مولانا فضل الرحمان کان وقت گهريو ۽ چيو ته اهي پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ تي صلاح مشورو ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.