وچ اوڀر صورتحال، اوگرا پاران ايل پي جي ڪمپنين کان اسٽاڪ جا تفصيل طلب

لاهور (بيورو) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال کان پوءِ آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ملڪ جي سڀني ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين کان روزاني بنياد تي ايل پي جي جي اسٽاڪ بابت تفصيل طلب ڪري ورتا، اوگرا ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هر روز صبح 9 وڳي تائين پنهنجي  اسٽوريج ۽ فلنگ پلانٽن ۾ موجود ايل پي جي جو اسٽاڪ ميٽرڪ ٽن ۾ رپورٽ ڪيو وڃي، اوگرا موجب موڪليل رپورٽ ۾ ٽرانزٽ يا گاڏين ۾ موجود (On Wheels) ايل پي جي به شامل هجي، اها معلومات مقرر ڪيل فارميٽ موجب اي ميل ذريعي موڪلڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ پلانٽ جو نالو، اسٽوريج ۽ فلنگ پلانٽ ۾ موجود ايل پي جي ۽ گاڏين يا ٽرانزٽ ۾ موجود گئس جو مقدار الڳ الڳ ڄاڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.