ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عدالت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ هيبت الله اخوندزاده خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ سيد احمد يوسف درخواستگذار جي وڪيل جعفر عباس جعفري ايڊووڪيٽ جا دليل ۽ پوليس رپورٽ ٻڌڻ کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٻه ڀيرا ٿاڻي وڃي درخواست جمع ڪرائي پر وصول نه ٿي، پوليس کي حڪم ڏنو وڃي ته درخواست وٺي بيان رڪارڊ ڪيا وڃن.
وڪيل چيو ته پي پي سي جي سيڪشن 125 تحت اهو سزا لائق ڏوهه آهي ۽ اها جنگ پاڪستان جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي، جيڪڏهن پاڙي ۾ ڪا دهشتگردي ٿئي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ممڪن آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته جن خلاف درخواست آهي، ڇا اهي پاڪستاني ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن، عالمي سربراهن خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، مطمئن ڪيو ته پي پي سي ڪيئن ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهري تي لاڳو ٿي سگهي ٿي؟
عدالت چيو ته توهان اهڙي درخواست انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏيو، جنهن تي وڪيل چيو ته ان عدالت ۾ رڳو حڪومت وڃي سگهي ٿي، هن جنگ سبب پاڪستان جا لکين ماڻهو پريشان آهن.
عدالت ۾ جمع ڪرايل ڊاڪس پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو ته وڪيل پرڏيهي سربراهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا، اهڙو ڪو ثبوت ناهي ته پرڏيهي سربراهن اسان جي علائقي ۾ دهشتگردي ڪئي هجي، ان درخواست تي ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي.
Prev Post
You might also like