واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايراني قيادت کي تيزي سان ختم ڪيو پيو وڃي، ايران ۾ جيڪو به ليڊر بڻجڻ چاهيندو اُهو ماريو ويندو.
آمريڪي صدر رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ايران واري معاملي ۾ ڏاڍي مضبوط پوزيشن ۾ آهيون، ايران جي ميزائلن ۽ لانچرن جو صفايو ڪيو پيو وڃي، اسان جنگي محاذ تي تمام سٺو ڪري رهيا آهيون ۽ صورتحال اميد کان به بهتر آهي.
آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن اسان ايران تي حملو نه ڪيون ها ته ايران اسان تي حملو ڪري ڇڏي ها.
هن چيو ته ايراني حملي کان اڳ اسان ايران تي حملو ڪيو، جيڪڏهن ايران تي حملو نه ڪيو وڃي ها ته جلد ايران وٽ ايٽم بم هجي ها.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجن پاڙيسرين ۽ اتحادي ملڪن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن چرين ماڻهن وٽ ايٽمي هٿيار هوندا آهن ته خراب شيون ٿينديون آهن، اسان ايران ۾ 47 سالن کان جاري قتلام کي روڪيو آهي.
آمريڪي صدر اڳوڻي صدر اوباما جي ايران سان جوهري معاهدي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪي صدر جو خيال آهي ته ايران خلاف جنگ بابت کيس آمريڪين جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسپين آمريڪي فوج سان سهڪار تي راضي آهي.