بگڙجندڙ عالمي صورتحال، حڪومت جو تيل اگهن ۾ ڦيرڦار تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جنگ واري صورتحال سبب وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين بابت اهم تجويزون پيش ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، توانائي واري وزارت تجويزن تي ورڪنگ تيار ڪري وزيراعظم کي بريفنگ ڏني آهي، جنهن تحت پيٽروليم شين جي قيمتن کي 15 ڏينهن بدران هفتيوار بنيادن تي نظرثاني ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، اهڙي نموني پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن تحت ايڊجسٽ ڪيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم معاشي ٽيم جي صلاح مشوري سان اگهن ۾ نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، صورتحال سنگين رهڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت طرفان جلد فيصلو متوقع آهي.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت پيٽروليم شيون ذخيرون ڪرڻ خلاف به مانيٽرنگ سخت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.