والاريل والهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جو فلسطيني هارين تي حملو، عورت مرڻينگ

والاريل والهه ڪناري جي شهر ترمسعيا ۾ اسرائيلي آبادڪارن فلسطيني هارين تي حملو ڪري کين زخمي ڪري وڌو.
اسرائيلي آبادڪارن زيتون جي فلسطيني هارين ۽ انهن سان گڏ موجود عالمي ڪارڪنن تي به حملو ڪيو.
حملو ايترو شديد هو جو هڪ عورت کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻو پيو، جنهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
اهو واقعو زيتون جو فصل حاصل ڪرڻ جي شروعات جي موقعي تي پيش آيو، جڏهن فلسطيني هاري پنهنجي باغن مان زيتون جمع ڪري رهيا هئا.
گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن اسرائيلي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.