واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ڳالهايو آهي ۽ زور ڀريو آهي ته هو پاڪستان سان جنگ کان پاسو ڪن.
ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ ڏياري جي تقريب دوران ڀارتي ڄائي ماڻهن جي هڪ گروپ کي خطاب ڪندي چيو ته نريندر مودي سان گفتگو ۾ مان علائقائي امن تي به ڳالهايو.
هن چيو ته مان اڳ به ڀارت ۽ پاڪستان کي تڪرار کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، اسان ڪجهه دير اڳ پاڪستان سان جنگ نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هاڻ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪا جنگ ناهي ۽ اها تمام سٺي ڳالهه آهي.
You might also like