آمريڪين جي اڪثريت، جن ۾ 80 سيڪڙو ڊيموڪريٽس ۽ 41 سيڪڙو ريپبلڪن شامل آهن سمجهن ٿا ته آمريڪي کي فلسطيني رياست تسليم ڪرڻ گهرجي، جيڪا ان ڳالهه جي علامت آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفت عوامي راءِ سان مطابقت نٿي رکي.
برطانوي خابرو اداري روئٽرز ۽ ”اپسوس“ جي هڪ سروي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي.
6 ڏينهن جي سروي ۾ 59 سيڪڙو ماڻهن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته 33 سيڪڙو مخالفت ڪئي ۽ باقي يا ته غير يقيني هئا يا انهن سوال جو جواب نه ڏنو.
ٽرمپ جي جماعت ريپبلڪن جي تقريبن 53 سيڪڙو ماڻهن ان قدم جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته 41 سيڪڙو ريپبلڪن چيو ته هو آمريڪا طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪندا.
تازن هفتن ۾ ڪيترن ئي ملڪن، خاص طور آمريڪا جي اتحادي برطانيا، ڪينيڊا، فرانس ۽ آسٽريليا به باضابطا طور فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو آهي، جنهن جي اسرائيل مذمت ڪئي آهي.
You might also like