مريم نواز به عمران خان جي مداح نڪتي، کيس پاڪستان جو ”عظيم ليڊر“ قرار ڏيڻ جو ٽوئيٽ وائرل

پاڪستاني سياست ۾ تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز وچ ۾ تڪرار ۽ سخت بيانن جي ڏي وٺ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ٻئي اڳواڻ هڪٻئي تي ورهين کان تنقيد ڪندا پيا اچن.
پر هن وقت سوشل ميڊيا تي هڪ پراڻو ٽوئيٽ گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مريم نواز 2012 ۾ عمران خان جي کليل نموني تعريف ڪئي هئي.
ايسڪ (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي ڪيل ان ٽوئيٽ ۾ مريم نواز عمران خان کي نه رڳو هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ بهترين ڪمينٽريٽر قرار ڏنو پر کيس ”پاڪستان جو واحد عظيم ليڊر“ به چيو هو.
اهو ٽوئيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن کي پي ٽي آءِ جا حامي وڏي پيماني تي شيئر ڪري رهيا آهن.
واهپيدار مريم نواز کي ياد ڏياري رهيا آهن ته هوءَ ماضي ۾ عمران خان جي وڏي مداح رهي آهي پر سندس موجوده سياسي بيانيو صفا مختلف نظر اچي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ان ٽوئيٽ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڌريون ان کي سياسي موقف ۾ تبديلي جو عڪس قرار ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته ڪجهه تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته وقت ۽ حالتن سان بيانيو تبديل ٿيڻ سياست جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.