جديد ٽيڪنالاجي جو دور ۽ سامراج جو ڪردار

تحرير: زيب علي سنڌي

مُلائيت (جنھن کي برھمڻيت به چئي سگهجي ٿو) عام طور تي ھي لفظ اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي نه ڪي لغوي معنيٰ ۾، جنھن جو مطلب اھا سوچ جيڪا معاشري ۾ طبقاتي نظام، علمي سرمائيداري ۽ ڪُندُ ذھنيت کي جنم ڏي ان کي مُلائيت يا برھمڻيت چئبو آھي.

ھر اھو فلسفو جنھن جو آڌار انھن ٽنھين منفي سوچن کي ڦھلائڻ ھجي اھو مُلائيت جو فلسفو آھي. ان سان مذھب، دين يا ڪنھن به قسم جي عقيدي جو ڪوئي تعلق ناھي. ائين چئجي  ته مُلائيت ھڪ ماليخوليائي بيماري آھي جنھن جو شڪار ڪم ظرف يا ناقص العقل ماڻھو ئي ٿيندا آھن. انڌي تقليدي سوچ کي به مُلائيت چئي سگهجي ٿو  ته انتھا پسندي کي به مُلائيت ئي چئبو آھي. مُلائيتَ انا پرست ۽ شخصيت پرست جي رڳن ۾ رت جيئان ڊوڙندي آھي. مُلائيت ڪا اھڙي سوچ ناھي جيڪا مقدس گهرن (جيئن مسجد، مندر يا گرجا) مان جنم وٺندي ھجي، بلڪه ھن جو جنم  ته سامراجي قوتن جي قلعن ۾ ٿيندو آھي. اھي ظالم قوتون جنھن جو ڌنڌو ئي انساني سماج ۾ انتشار ۽ بد امني ڦھلائڻ تي ٻڌل ھجي، اھي ئي ملڪ ۾ منفي سوچن کي غالب ڪرڻ ۾ اڳڀرايون ھونديون آھن.

سامراجي قوتون اھڙي طريقي سان مُلائيت کي پروان چڙھائينديون آھن جو ويچارا عام شھري مذھبي ماڻھوءَ کي ئي ھر مسئلي جو سبب  سمجهڻ لڳندا آھن ۽ ھڪ ٻئي کي طعنا طَنزُون پيا ڪندا رھندا آھن. ۽ نتيجي ۾ اھو عمل مذھب کان بيزاريءَ جو ئي سبب بڻجي ويندو آھي. جنھن معاشري ۾ نوانوي فيصد ماڻھو مذھب سان محبت ڪندڙ ھجن اتي مذھب سان نفرت ڦھلائڻ خاطر سامراج پنھنجيون ڳوٽون ھلائيندو رھندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن وقت اھڙو به اچي وڃي ٿو جو ھڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءَ کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪري وجهي ٿو. سچ اھو آھي  ته هميشه کان سامراج جو مقصد به عام ماڻھن کي اھڙين بيڪار ڳالھين ۾ الجهائي، ڦاسائي پنھنجا وڏا مقصد پورا ڪرڻ رھيو آھي.

اڄ ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ ماڻھن جو رستو مٽائڻ آسان ٿي پيو آھي. اسان کي سمجهڻو پوندو  ته اسڪرين  تي ايندڙ ھر تصوير سچ ناھي ھوندي ۽ نه ئي اھا حرفِ آخر ٿيندي آھي. وقت اچي ويو آھي  ته اسان پاڻ مان (يعني فرد مان) نڪري ھاڻي نظام تي نظر وجهون  ته ملڪ ڪھڙي نظام تحت ھلي رھيو آھي؟ جيستائين پويان ٿيندڙ سازشن کي نظرانداز ڪندا رھنداسين تيستائين حقيقت اکين کان اوجهل رھندي. سامراج  ته چاھي ئي ايئن ٿو  ته معاشري جو ھر فرد ھڪ ٻئي تي الزام هڻڻ ۾ مصروف ھجي  ته جيئن انھن جي سازشن ۽ مڪاريونِ تي ڪوبه آڱر نه کڻي. جنھن ڏينھن اسان اھو سمجهي وياسين  ته اسان عوام جا پاڻ ۾ معاشرتي يا سماجي اختلاف ته آھن ئي ڪونه، ان ڏينھن تي اھو به واضح ٿي ويندو  ته انسانيت جو حقيقي قاتل نظامِ ظلم (سامراجيت) آھي جيڪو عام ماڻھن کي رياستي اختيارات ڏئي پنھنجا رستا صاف ڪرائي ٿو.

اسان جنھن خطرناڪ معاشري ۾ ساهه کڻي رھيا آھيون ان جي بناوٽ انگريز سامراج غلامي جي دور ۾ وجهي چڪو ھو. برطانوي حڪومت 1780ع  ۾مدرسه عاليه ٺھرايو جنھن جو مقصد ھندستان ۾ مذھبي بنيادن تي فساد ڪرائڻ ھو. ساڳيو ئي نظام اڄ تائين نام نھاد آزادي کان پوءِ به مسلسل ساڳئي طرزِ عمل تي ھلي رھيو آھي. ھر دور ۾ رڳو غلاميءَ جون شڪلون مختلف ٿي رھيون آھن. نئين حڪومت غلاميءَ جو نئون چھرو کڻي اچي ٿي. رڳوکوهه مان پاڻي ڪڍڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ڪتي کي به ڪڍڻو پوندو.

اھو ئي سامراجي نظام ڪڏھن ڪنھن ھڪ جي حق ۾ اسان کان فيصلو ڪرائي ٿو ته ڪڏھن ٻئي جي. ڪڏھن ڪنھن جا وڊيوز اسان کي ڏيکاري انھن لاءِ ھمدردي وٺرائي ٿو  ته وري ڪڏهن وقت اچڻ تي انھن جا ئي پراڻا وڊيوز وائرل ڪرائي اسان کي ھن جي خلاف ڪرائي ٿو. ھُو جڏھن چاھي جاڏي چاھي اسان جا رخ تبديل ڪري وٺي ٿو. ٽئڪنالاجي جي دور ۾ رڳو Email لڳائي اسان پنھنجي سوچڻ جون واڳون سامراج کي ڏئي ڇڏيون آھن. ھن دور ۾ اھا سامراج (سرمائيدارن) جي بدترين شڪل آھي. اڄ ھُو ٽئڪنالاجي يا کڻي ائين چئجي  ته Data  Digitalذريعي اسان جي معاشري ۾ جنگ مڙھي رھيا آھن. اسان کي اکيون کولڻيون پونديون ڇو  ته اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اسان سامراجيت جو ئي ساٿ ڏئي رھيا آھيون.

اڄ اسان کي سوچڻو پوندو  ته آخر مُلائيت يا برھمڻيت  ڦھلائڻ جو اصل ڏوھي ڪير آھي؟ اسان جي ماھيت  ته ھندستان سان لاڳاپيل آھي جيڪو پيار ۽ امن جو راڳي آھي، جنھن مان عشق جا درياهه وھندا آھن. اسان ۾ ھڪ ٻئي لاءِ ايتري نفرت ڪٿان پيدا ٿي آھي؟ جڏھن به سوشل پليٽفارمز  تي اچون ٿا ته پاڻ کي مختلف سماجي ڌُرين يا مذھبي فرقن ۾ ورھائي پنھنجن ئي ماڻھن کي تنقيد جو نشانو ڇو بڻائي رھيا آھيون؟ اسان جي رُوداد  ته اھا ناھي، پوءِ آخر اسان پنھنجي فطري تقاضائن کان پاسي ڇو ٿي ويا آھيون؟ ڇا اسان جي وچ ۾ ڪو ٽيون  ته ناھي جيڪو حقارت جي ٻج کي پاڻي ڏئي رھيو آھي؟ ڇا ائين  ته ناھي اسان پنھنجون اکيون رڳو سامھون نظر ايندڙ چھرن تي وڌيون آھن ۽ جڏھن  ته حقيقي مجرم سامراجي نظام آھي جنھن طرف ڪو ڌيان ئي ناھي؟ اسان کي سوچڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.