بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ايران جنگ جي پسمنظر ۾ چين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جنگ ۾ وڏا معاشي ۽ جغرافيائي مفاد ڪارفرما آهن، ۽ هي تڪرار صرف آمريڪا ۽ اسرائيل تائين محدود ناهي، پر چين کي به سڌي طرح متاثر ڪري رهيو آهي. بيجنگ لاءِ وڌيڪ خاموش رهڻ ممڪن نه رهيو آهي ۽ اهو به تڪرار ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. عالمي واپار ۽ طاقت جي توازن ۾ وڏيون تبديليون متوقع آهن. جيڪڏهن عالمي واپار جلد بحال نه ٿيو ته جون تائين عالمي ڪساد بازاري ۽ آگسٽ تائين عالمي معاشي بحران جو خطرو موجود آهي۔
آمريڪي پرڏيهي ۽ فوجي پاليسي جو تجربيڪار مبصر ڪرنل لارنس ولڪرسن ايران خلاف جاري جنگ کي هڪ وسيع جيو-اسٽريٽجڪ ٽڪر قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته هي تڪرار رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل تائين محدود ناهي، پر چين جهڙي عالمي طاقت کي به سڌي طرح متاثر ڪري رهيو آهي. ٽڪر ڪارلسن سان انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ حڪمت عملي، خاص طور ايران مان گذرندڙ ريلوي نيٽورڪ، هن جنگ جو هڪ اهم پر لڪل هدف بڻجي چڪو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي واپار، مالي نظام ۽ طاقت جي توازن ۾ وڏيون تبديليون اچي سگهن ٿيون۔
ولڪرسن موجب چين هن جنگ ۾ پنهنجي مرضي سان شامل نه ٿيو آهي، پر حالتن ان کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن اهڙي جنگ جي اڳواٽ توقع نه ڪئي هئي. پر هاڻي جڏهن ان جي اسٽرٽيجڪ ڍانچي، خاص ڪري ايران کان يورپ تائين ويندڙ ريلوي لائين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ته بيجنگ لاءِ خاموش رهڻ ممڪن نه رهيو آهي. اهو ان کي رڳو معاشي نه پر جيو-اسٽريٽجڪ خطرو سمجهي ٿو۔ هن انڪشاف ڪيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل تازو عرصي ۾ هن اهم ريلوي کي باقاعدي نشانو بڻائي رهيا آهن، جيڪا چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو مرڪزي حصو آهي. جيتوڻيڪ ريلوي کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، پر اهي حملا صاف پيغام ڏين ٿا ته هن جنگ جي پسمنظر ۾ وڏا معاشي ۽ جغرافيائي مفاد شامل آهن، جن بابت عام دنيا توڙي ڪجهه اعليٰ سياسي قيادت به مڪمل طور آگاهه ناهي۔
ولڪرسن هن صورتحال کي عالمي واپار جي ڍانچي ۾ ممڪن انقلاب قرار ڏنو، جتي چين زميني رستن ذريعي سامونڊي واپار کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس موجب هن نئين ماڊل تحت چين پنهنجون شيون صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ يورپ تائين پهچائي سگهي ٿو، جنهن سان نهر سويز، آبنائي هرمز ۽ ٻين اهم سامونڊي رستن جي اهميت گهٽجي سگهي ٿي ۽ آمريڪا جي بحري طاقت کي سڌو چئلينج ملي سگهي ٿو۔ هن وضاحت ڪئي ته انهن حملن جو مقصد صرف ڍانچي کي نقصان پهچائڻ نه آهي، پر چين کي اهو پيغام ڏيڻ به آهي ته آمريڪا ان جي اسٽرٽيجڪ اڳڀرائي کي روڪڻ لاءِ تيار آهي۔