وچ اوڀر جو خطو جنگ جي ور چڙھي ويندو

مني صدي کان وچ اوڀر ۾ مسلمان ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ ڪئين لاھا چاڙھا ايندا رھيا آھن پر لڳ ڀڳ ھڪ سال کان جاري جنگ جو دائرو ھاڻي وڌڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي.جنھن ۾ ايران تي بھ وڌيڪ دٻاءَ پوڻو آھي.

سال اڳ جڏھن حماس اسرائيل تي حملو ڪيو ھو تھ ان جي جواب ۾ اسرائيل فلسطين ۾ اڳي ئي نيم قيدين واري حياتيءَ گھاريندڙ فلسطيني مسلمانن جي لاءِ زندگيءَ وڌيڪ تنگ ٿي وئي. تاحال اسرائيل جي مختلف حرفتن ۽ اٽڪلن سان ھن سندس ڀيٽ ۾ انتھائي ھڪ ننڍي درجي جي ويڙھاڪ تنظيم کي چو طرفو سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي.1948 ۾ ھن خطي ۾ برطانيا ۽ ان جي اتحادين جي مدد سان مسلمانن جي زمين تي قائم ڪيل ملڪ اسرائيل جي وجود سان ئي ھن خطي ۾ ڇڪتاڻ جي جيڪا شروعات ٿي آھي اھا ختم ٿيندي نظر نٿي اچي.

دنيا جي تمام وڏي سپر پاور آمريڪا جي مڪمل پٺڀرائي سان ھن وقت خطي ۾ جاري جنگ  فلسطين جي عام ماڻھن ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ دوزخ بنائي ڇڏي آھي، جنھن ۾ 40 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو موت جي ننڊ سمھي رھيا آھن، لکين ماڻھون بک ۽ اڃ ۾ پاھ آھن،لکين ماڻھو بي گھر آھن، اسپتالون زخمين سان سٿيل آھن، جنگ پاڻ سان ڪيئي مصيبتون کڻي ايندي آھي.

دنيا ۾ تڪرارن جي فيصلي ڪرڻ واري عالمي تنظيم گڏيل قومن پاران لڳاتار جنگ بند ڪرڻ جون قرار دادون منظور ٿي رھيون آھن پر اسرائيل ان کي ڪنھن بھ ليکي ۾ آڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. اسرائيل آھستي آھستي فلسطين ۾ ماڻھون ماري، ٻين کي ڊيڄاري ھيسائي ۽ خطي ۾ يھودين جي آبادي کي وڌائڻ واري عمل کي تيز ڪري رھيو آھي. عالمي اخلاقيات، عالمي قانونن جو اسرائيل آمريڪا جي پٺڀرائي سان ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آھن پر ان کي ڪو بھ روڪڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ڪجھھ ڏينھن کان اسرائيل حزب الله تي لبنان ۾ لاڳاتار حملا ڪري ماڻھو ماري رھيو آھي. فلسطين جي حمايت ڪندڙ لبناني تنظيم حزب الله جي اسرائيل تي  فلسطني تنظيم حماس جي حملي کان بعد شروع ٿيل جنگ ۾ شامل آھي.جيڪا اسرائيل خلاف لڳاتار ڪارروائي ڪندي آئي ۽ اسرائيل کي سرحدي علائقي ۾ خاصو پريشان ڪري رکيو ھو. موٽ ۾ اسرائيل ھڪ وڏي ڪارروائي ڪري لبنان ۾ پھرين بمباري ڪئي ۽ لبنان جي ويڙھاڪ تنظيم اڳواڻ حسن نصرالله کي شھيد ڪري ڇڏيو .حسن نصرالله جي شھادت واري واقعي يا ان کان اڳ اسرائيل جي اتي ڪيل ڪارروائي سان اھو چٽو ٿي رھيو آھي تھ اسرائيل جنگ جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.جنھن جو مقصد خطي ۾ وڌيڪ تباھي آڻڻ آھي. جنھن سان ھاڻي خطي ۾ جنگ وڌڻ جو خطرو پئدا ٿي پيو آھي.

گذريل ھفتي بيروت تي اسرائيلي فوج سڀ کان زوردار بمبار حملو هو، ان بمباري ۾ 4 عمارتن کي نقصان پهتو.جيتوڻيڪ حزب الله چيو آھي ته اسرائيل خلاف جنگ جاري رهندي، غزه ۽ فلسطين جي حمايت ۽ لبنان جي دفاع لاءِ جهاد جاري رکيو ويندو. پر ھاڻي صورتحال ڪجهھ وڌيڪ شدت واري ٿي رھي آھي. سترھن سيپٽمبر جي شام لبنان ۾ حزب الله لاءِ ڪم ڪندڙ  ھزارين ماڻھن کي جي  ڌماڪي سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽18 سيپٽمبر تي لبنان ۾ واڪي ٽاڪي ذريعي  بم ڌماڪا ٿيا، جنازي وقت وڌيڪ بم ڦاٽا.لبنان جي ان صورتحال دنيا ۾ فوجن ۽ سيڪيورٽي ادارن کي حيران ڪري ڇڏيو.

گڏيل قومن موجب غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران گھيري ۾ آيل  علائقن جي 85 سيڪڙو آبادي يعني 23 لک کان وڌيڪ ماڻهو ھجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. جڏهن ته انھن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي تباهي، خوراڪ، پاڻي، بجلي ۽ ٻارڻ جي کوٽ ھئڻ سبب حالت گھڻي خراب آهي.هڪ وڏي ساک واري عالمي اداري موجب مختلف غزه ۾ ڏڪار جو خطرو وڌي رھيو آھي.خوراڪ جي کوٽ جي ڳالهھ ڪجي تھ غزا جي اٽڪل 11 لک ماڻھن لاءِ خوراڪ جي کوٽ يا ڏڪار واري حالت آھن.

اسرائيل گڏيل قومن جي اهڙين رپورٽن کي ”غلط معلومات تي ٻڌل“ قرار ڏئي ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته گڏيل قومن جون ايجنسيون غزه ۾ امداد درست  ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.صحافين جي انٽرنيشنل فيڊريشن  آف جرنسلٽس(IFJ) موجب جنگ ۾  شروعات کان وٺي ھن وقت تائين 99 فلسطيني صحافي ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ فرد مارجي ويا آھن.جن ۾ چار اسرائيلي ۽ ٽي لبناني صحافي پڻ شامل آهن.غزه مان رپورٽنگ ڪندڙ صحافي فقط اسرائيلي فوج سان گڏ ھئڻ جي صورت ۾ داخل ٿي سگھن ٿا ۽ رپورٽنگ دوران اسرائيلي فوج پاران لاڳو شرطن جي  پابندي بھ ڪرائي ويندي آھي. شرطن ۾ غزه جي دوري دوران اسرائيلي سپاهين سان گڏ هجڻ ۽ خبرون شايع ڪرڻ کان اڳ اسرائيلي فوج کان منظوري حاصل ڪرڻ پڻ شامل آهي.آمريڪا جي مدد سان ڪم ڪندڙ  ايڊ ورڪر سيڪيورٽي ڊيٽابيس مطابق، آڪٽوبر 2023 کان تاھال  196 کان وڌيڪ رضاڪار مارجي ويا آھن.فوتين ۾ گھڻن جو تعلق گڏيل قومن سان لاڳاپيل امدادي ڪارڪنن جو آھي.

اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو تي جنگ بندي ڪرڻ ۽ يرغمال بڻيل اسرائيلين  کي آزاد ڪرائڻ ۽ ملڪ ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آھي.آڪٽوبر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ حڪومت خلاف احتجاج  وڌي رھيا آھن.يروشلم ۾ اھڙا احتجاج معمول بڻجي ويا آھن.ھاڻي تھ نيتن ياھو جي حڪومت پنھنجي ساک ۽ اخلاقي جواز بھ وڃائي رھي آھي.آمريڪا ۽ سندس اتحادي دنيا ۾ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ اھڙو ڄار اڻي رکيوآھي جو دنيا جا عالمي ادارا بھ ھن کي روڪي نھ سگھيا آھن.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ سان دنيا ۾شروع ٿيندڙ رتوڇاڻ کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي سطح تي جيڪي ادارا آھن انھن کي ڪا بھ ڌر مڃڻ جي لاءِ تيار نھ آھي، ٻئي پاسي سمورن اخلاقي، انساني حقن ۽ عالمي قانونن کي مڪمل طور تي لتاڙيو پيو وڃي.حسن نصرالله جي شھادت ۽ ان کان اڳ ايران جي صدر جي مارجڻ بعد ھاڻي خطي ۾ وڌيڪ حالتون خراب ٿيڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي.جيڪڏھن مسلمان ملڪن گڏجي ھن شروع ٿيندڙ جنگ کي روڪرائڻ جي ڪوشش نھ ڪئي تھ ان جو ويجھڙائي ۾ خطي کي توڙي علائقي جي مسلمان ملڪن کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان رسندي نظر اچي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.