اڳوڻي محبوبا جي سالگرهه، ارجن ڪپور چُپ نه رهي سگهيو

بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور پنهجي اڳوڻي گرل فرينڊ اداڪارا ۽ ماڊل ملائڪا اروڙا کي سندس 52هين سالگرهه تي سوشل ميڊيا تي دلڪش انداز ۾ مبارڪباد ڏني آهي.
ارجن ڪپور انسٽاگرام تي ملائڪا جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مسڪرائيندا رهو، تلاش ڪندا رهو ۽ سدائين اڳتي وڌندا رهو.
واضح رهي ته ارجن ڪپور ۽ ملائڪا اروڙا وچ ۾ رشتو هاڻ ختم ٿي چڪو آهي پر ٻنهي ۾ گڏيل احترام ۽ دوستاڻا لاڳاپا برقرار آهن.
تازو ”هوم بائونڊ“ فلم جي اسريڪننگ جي موقعي تي کيس گرم جوشي سان ملاقات ڪندي ڏٺو ويو هو، جنهن ۾ ٻنهي هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو، ان سان گڏوگڏ ارجن ڪپور ملائڪا سان پيءُ جي لاڏاڻي دوران به گڏ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.