آن لائن جوا جي مشهوري: ”وسيم اڪرم کي به ڊڪي ڀائي وانگر سوگهو ڪيو وڃي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آحي، جنهن ۾ اسلام آباد جي سرينگر هاءِ وي تي هڪ آن لائن جوا ڪمپني جو وڏو بل بورڊ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن تي اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم جي تصوير به لڳل آهي، جڏهن ته ان تي لکيل آهي ته ”ڪرڪيٽ لاءِ وسيم اڪرم جي نمبر 1 چونڊ“.
وڊيو سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت طرفان آن لائن جوا جي ڪمپنين تي پابندي باوجود ان نوعيت جا اشتهار تخت گاهه جي روڊن تي نظر اچڻ سواليا نشان آهي.
هڪ واهپيدار خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت طرفان پابندي باوجود اسلام آباد ۾ هڪ بل بورڊ تي وسيم اڪرم آن لائن جوا جي ڪمپني جي مشهوري ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي آهي، فوري طور اهڙي مشهوري بند ڪئي وڃي ۽ جيڪو به ان جي مشهوري ڪري رهيو آهي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
صحافي انصار عباسي لکيو ته ڪوئي وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي خبر ڪري ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته اشتهاري بورڊ تي ته اسان جو ڪرڪيٽ ليجنڊ وسيم اڪرم آهي، ان معاملي تي ته اڳ ئي يوٽيوبر ڊڪي ڀائي خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي.
هڪ واهپيدار مطالبو ڪيو ته وسيم اڪرم کي به گرفتار ڪري ڊڪي ڀائي وانگر سندس سمورا اڪائونٽ منجمد ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.