برطانوي وزيراعظم جو مسلم برادري ۽ مسجدن جي تحفظ لاءِ 10 ملين پائونڊ جي فنڊنگ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر مسلم برادري ۽ مسجدن جي تحفظ لاءِ 10 ملين پائونڊ جي واڌو فنڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر گهرو وزير شبانه محدود سان گڏ اوڀر سسيڪس جي مسجد جو دورو ڪيو.
واضح رهي ته هن مهيني جي منڍ ۾ مسجد جي دروازي سان گڏ هڪ گاڏي کي باهه لڳائي وئي هئي.
برطانوي وزيراعظم چيو ته برطانيا کي پنهنجي رواداري تي فخر آهي، ڪنهن به برادري تي حملا سڄي قوم ۽ اسان جي رواداري تي حملا آهن، فنڊنگ سان مسلم ڪيونٽي کي تحفظ جو احساس ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.