خيبر پختونخواهه جو انڪار، سنڌ وفاق کان بلٽ پروف گاڏيون گهري ورتيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي انڪار تي بلوچستان کانپوءِ سنڌ حڪومت به وفاقي حڪومت کان بلٽ پروف گاڏيون گهري ورتيون.
صوبائي گهرو کاتي طرفان وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪي پي حڪومت جي انڪار کانپوءِ اهي گاڏيون سنڌ کي فراهم ڪيون وڃن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي مهمانن، وي وي آءِ پيز ۽ معزز شخصيتن جي سيڪيورٽي لاءِ گاڏين جي ضرورت هوندي آهي، صوبي ۾ اڳواٽ سيڪيورٽي قدمن لاءِ بلٽ پروف گاڏين جي سخت ضرورت آهي.
واضح رهي ته ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي وفاقي حڪومت طرفان پوليس کي فراهم ڪيل 3 بلٽ پروف گاڏيون بيڪار قرار ڏيندي فوري طور وفاق کي واپس ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا، جنهن کانپوءِ بلوچستان حڪومت مطالبو ڪيو هو ته وفاق اهي گاڏيون اسان کي ڏئي.
وفاق ٽئي بلٽ پروف گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.