چانهه کي صحت لاءِ فائديمند تصور ڪيو ويندو آهي پر اهو فائدو رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن توهان ان کي گرم پيئڻ پسند ڪيو.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
برٽس جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گرم چانهه يا ڪافي کي پيئڻ سان انزائٽي گهٽجندي آهي، جڏهن ته جذبن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
تحقيق موجب جزن کان هٽي گرمي پد به صحت تي هاڪاري اثر وجهندو آهي.
تحقيق ۾ 400 کان وڌيڪ بالغن کي شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ دريافت ڪيو ويو ته جيڪي ماڻهو چانهه يا ڪافي کي ٿڌي شڪل ۾ استعمال ڪرڻ پسند ڪندا آهن، انهن ۾ انزائٽي ۽ اوجاڳي جهڙن مسئلن جي شرح وڌيڪ هوندي آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ گرم چاهه ۽ ڪافي پيئڻ جي عادي ماڻهن ۾ ڊپريشن جون علامتون، اوجاڳي ۽ هاضمي جا مسئلا گهٽجي ويندا آهن.
ان کان اڳ به تحقيقي رپورٽن ۾ اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته خوراڪ کي گرم شڪل ۾ کائڻ سان هاضمي جي نظام کي فائدو ٿيندو آهي، جڏهن ته جذباتي حالت ۾ استحڪام ايندو آهي.
You might also like