راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ اظهر محمود بابر اعظم کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
ڏکڻ آفريقا هٿان ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ اظهر محمود چيو ته بابر اعظم وٽ فرسٽ ڪلاس جو تجربو گهٽ آهي، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي دٻاءَ کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي.
هن چيو ته ٽيم جي ڪيترن ئي رانديگرن کي ڊوميسٽڪ جو گهٽ تجربو آهي، اهي باقاعدگي سان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي ئي دٻاءُ برداشت ڪرڻ جو هنر سکي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته رانديگر جڏهن ڊوميسٽڪ کيڏندو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اچي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو آهي، ان کي خبر هوندي آهي ته پريشر کي ڪيئن هينڊل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ناڪام ٿئي پوءِ به کيس خبر هوندي آهي ته واپسي ڪيئڻ ڪرڻي آهي، منهنجي خيال ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ئي بهترين حل آهي.
اظهر محمود چيو ته پاڪستاني بيٽرن کي اسپن خلاف سٺي بيٽنگ سکڻي پوندي، ڊوميسٽڪ ۾ به اسپنرن لاءِ سازگار بچون ٺاهڻيون پونديون.
You might also like